يشوع 22 - Muslim Sindhi Bibleاوڀر وارن قبيلن جو پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ 1 تنهن کان پوءِ يشوع بني روبن، بني جد ۽ اوڀر واري بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارن کي سڏايو. 2 هن کين چيو تہ ”جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي فرمايو هو سو سڀ اوهان پورو ڪيو آهي ۽ جيڪي مون اوهان کي حڪم ڏنو سو بہ سڀ اوهان مڃيو آهي. 3 هيترن ڏينهن ۾ اوهان اڄ تائين پنهنجن بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن کي هڪ دفعو بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جا سونپيل ڪم پئي پورا ڪيا اٿوَ. 4 خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو. 5 پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“ 6-8 جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني. 9 تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو. اردن درياءَ وٽ قربانگاهہ 10 جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربانگاهہ ٺاهي. 11 پر جڏهن ٻين بني اسرائيل وارن کي ٻڌايو ويو تہ ”بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ڪنعان جي سرحد تي اردن درياءَ جي ويجھو اسان بني اسرائيل واري پاسي تي قربانگاهہ ٺاهي آهي،“ 12 تڏهن سڄي قوم سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ انهن سان وڃي جنگ ڪن. 13 سو بني اسرائيل اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي جِلعاد جي ملڪ ۾ اوڀر وارن قبيلن ڏانهن موڪليو. 14 هن سان گڏ ڏهہ اڳواڻ بہ ويا يعني هر هڪ قبيلي مان هڪ ڄڻو، جيڪو پنهنجي اباڻي خاندان جي ڪٽنب جو وڏو هو. 15 هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا. 16 هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ؟ 17 پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا اسان جي لاءِ ڪو ٿورو گناهہ آهي ڇا، جنهن جي ڪري خداوند جي قوم تي آفت اچي ڪڙڪي؟ اڄ ڏينهن تائين اسين انهيءَ گناهہ جي ڪري لوڙي رهيا آهيون. 18 توهين ڇو هاڻ خداوند کان منهن موڙي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهين اڄ خداوند کان باغي ٿيندا، تہ سڀاڻي هو بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبو. 19 جيڪڏهن اها زمين جيڪا اوهان کي ورثي طور ملي آهي سا ناپاڪ آهي، تہ پوءِ اردن جي اولهہ طرف خداوند جي زمين ۾ لنگھي اچو، جتي سندس مقدس خيمو لڳل آهي ۽ زمين ۾ اسان سان گڏ حصو وٺو. پر خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کان سواءِ پنهنجي لاءِ ڪا ٻي قربانگاهہ ٺاهي خداوند ۽ اسان جي خلاف بغاوت نہ ڪريو. 20 جڏهن زارح جي گھراڻي مان عڪن خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ وارين شين جي باري ۾ نافرماني ڪئي هئي، تہ ڇا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي غضب نازل نہ ٿيو هو؟ رڳو عڪن ئي پنهنجي گناهہ جي ڪري تہ ناس نہ ٿيو هو.“ 21 تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارن باقي بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کي ورندي ڏني تہ 22 ”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو. 23 جيڪڏهن خداوند کان منهن موڙڻ لاءِ اسان پنهنجي قربانگاهہ ٺاهي آهي، يا انهيءَ لاءِ تہ مٿس ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون، يا سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون، تہ پوءِ ڀلي خداوند انهيءَ جو اسان کان حساب وٺي. 24 هرگز نہ، اسان ائين انهيءَ ڪري ڪيو آهي جو سوچيوسين تہ متان ڪڏهن اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي تہ ’خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟ 25 خداوند اسان ۽ اوهان بني روبن ۽ بني جد جي وچ ۾ اردن درياءُ کي سرحد مقرر ڪيو آهي، خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو نہ آهي.‘ سو اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد متان اسان جي اولاد کي خداوند جي عبادت کان روڪي ڇڏي. 26 اهو ئي سبب آهي جو اسان اها قربانگاهہ ٺاهي آهي، نہ انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون ۽ ٻيون قربانيون ڪريون. 27 بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘ 28 سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربانگاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘ 29 خدا ائين نہ ڪري جو اسين خداوند کان باغي ٿيون ۽ کانئس منهن موڙيون جو اسين خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس مقدس خيمي جي اڳيان آهي، تنهن کي ڇڏي ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني ۽ ٻين قربانين لاءِ ڪا ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.“ 30 جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ ڏهن قبيلن جي اڳواڻن اهي ڳالهيون ٻڌيون، جيڪي بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ساڻن ڪيون تڏهن هو مطمئن ٿيا. 31 پوءِ فينحاس ڪاهن کين چيو تہ ”هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان ساڻ آهي. انهيءَ ڪري جو اوهان خداوند کان باغي نہ ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي سزا کان بچايو آهي.“ 32 پوءِ فينحاس ولد اليعزر ۽ اڳواڻ بني روبن ۽ بني جد وٽان جِلعاد جي ملڪ مان واپس وريا ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ اچي کين سمورو احوال ڏنائون. 33 اُهو احوال ٻڌي بني اسرائيل مطمئن ٿيا ۽ خدا جو شڪر ڪيائون. سو هنن انهن سان جنگ ڪري انهيءَ ملڪ کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيو جنهن ۾ بني روبن ۽ بني جد رهندا هئا. 34 بني روبن ۽ بني جد قربانگاهہ تي نالو رکيو تہ ”هي اسان سڀني جي وچ ۾ شاهد آهي تہ خداوند ئي خدا آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society