Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 20 - Muslim Sindhi Bible


پناهہ جا شهر
( ڳاڻاٽو 35‏:9‏-28 ، شريعت جو دور 19‏:1‏-13 )

1 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جن پناهہ جي شهرن بابت مون موسيٰ جي معرفت اوهان کي چيو هو سي مقرر ڪريو.

3 اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو اتفاق سان يا بناارادي ڪنهن کي ماري وجھي، سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي.

4 جڏهن هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي تڏهن شهر جي ٻاهرين دررازي تي بيهي انهيءَ شهر جي اڳواڻن کي پنهنجو احوال ٻڌائي. پوءِ هو انهيءَ کي شهر اندر وٺي وڃن ۽ اتي رهڻ لاءِ کيس هڪڙي جاءِ ڏين.

5 جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو سندس پيڇو ڪري اچي اتي پهچي تہ شهر جا ماڻهو خونيءَ کي انهيءَ جي حوالي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن اهو خون بناارادي ڪيو هو ۽ مقتول سان اڳ ۾ سندس ڪابہ دشمني ڪانہ هئي.

6 پوءِ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهي جيستائين هن جي کُلي عدالت نہ ٿئي ۽ هو بي‌ڏوهي ثابت نہ ٿئي. تنهن بعد هو انهيءَ شهر ۾ ئي رهي، جيستائين انهيءَ وقت وارو سردار ڪاهن نہ مري. ان کان پوءِ هو ڀلي پنهنجي گھر انهيءَ شهر ڏانهن موٽي وڃي جتان هو ڀڄي نڪتو هو.‘“

7 سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.

8 اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.

9 هي آهن اُهي پناهہ جا شهر، جيڪي بني اسرائيل ۽ منجھن رهندڙ ڌارين لاءِ مقرر ڪيا ويا. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اتفاق سان ماري وجھي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي ۽ تيستائين کيس نہ ماريو وڃي، جيستائين سندس کُلي عدالت نہ ٿئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan