يشوع 19 - Muslim Sindhi Bibleشمعون قبيلي جو ورثو 1 ٻيو ڪُڻو بني شمعون جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو. سندن ورثو بني يهوداہ جي علائقي جي وچ ۾ هو. 2 کين ورثي ۾ هي شهر مليا: بيرسبع، سبع، مولادہ، 3 حصار سعول، بالاہ، عضم، 4 التولد، بتول، حرمہ، 5 صِقلاج، بيتمرڪبوت، حصار سوسہ، 6 بيتبائوت ۽ ساروحن، ڪل تيرهن شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت. 7 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: عين، رِمون، عتر ۽ عسن، ڪل چار شهر. 8 انهيءَ ۾ اهي سڀ ڳوٺ بہ شامل هئا، جيڪي انهن شهرن جي آسپاس هئا، ويندي بعلاتبير يا ڏکڻ واري رامہ تائين. بني شمعون جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو اهو هو. 9 بني شمعون جو ورثو بني يهوداہ جي ورثي مان کنيو ويو هو، ڇاڪاڻ تہ بني يهوداہ جو حصو سندن گھرج کان وڌيڪ هو. سو بني شمعون کي ورثو يهوداہ جي علائقي جي وچ ۾ مليو. زبولون قبيلي جو ورثو 10 ٽيون ڪُڻو بني زبولون جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو: انهن جي ورثي جي سرحد ڏکڻ طرف ساريد شهر تائين هئي، 11 جتان اها اولهہ ڏانهن مرعلہ تائين ويئي. اتان اها دباست کان ٿيندي، يقنعام پهاڙيءَ جي اوڀر پاسي برساتي نهر تائين وڃي پهتي. 12 ساريد جي ٻئي پاسي کان اها اوڀر طرف ڪسلوتتبور جي سرحد تائين ويئي، جتان پوءِ دبرت کان ٿيندي يفيع تائين هلي ويئي. 13 اُتان اُها اڃا بہ اوڀر طرف جاتحفر ۽ عِتہرهبرن ڏانهن ويئي، جتان رمون تائين پهچي پوءِ نيعہ ڏانهن ڦري. 14 پوءِ اتان اها ڦري اتر پاسي حناتون ڏانهن ويئي ۽ افتاحايل ماٿريءَ وٽ وڃي ختم ٿي. 15 انهيءَ ۾ قطات، نحلال، سمرون، ادالہ ۽ بيتلحم شامل هئا، ڪل ٻارهن شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت. 16 اهي شهر ۽ ڳوٺ بني زبولون جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا. اِسڪار قبيلي جو ورثو 17 چوٿون ڪُڻو بني اِسڪار جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو. 18 سندن سرحد اندر هي شهر هئا: يزرعيل، ڪسولوت، شونيم، 19 حفاريم، شيون، اناخرات، 20 ربيت، قسيون، ابض، 21 ريمت، عينجنيم، عينحدہ ۽ بيتفصيص. 22 اُها سرحد تبور جبل، شخصيماہ ۽ بيتشمس کان ٿيندي وڃي اردن درياءَ تي ختم ٿي. انهن جي حصي ۾ ڪل سورهن شهر ۽ آسپاس وارا ڳوٺ مليا. 23 اهي شهر ۽ ڳوٺ بني اِسڪار جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا. آشر قبيلي جو ورثو 24 پنجون ڪُڻو بني آشر جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو. 25 سندن سرحد اندر هي شهر هئا: خلقت، حلي، بطن، اڪشاف، 26 الملڪ، عماد ۽ مسال. سندن اُها سرحد اولهہ ۾ ڪرمل جبل ۽ سيحورلبنات تائين هئي. 27 پوءِ اُها اوڀر طرف بيتدجون ڏانهن ويئي ۽ زبولون علائقي ۽ افتاحايل ماٿريءَ کان ٿيندي بيتالعمق ۽ نفيايل تائين ويئي. پوءِ اُها ڪبول شهر جي اوڀر طرف وٽان لنگھندي 28 عبرون، رحوب، حمون، قاناہ جي برساتي نهر ۽ وڏي صيدا تائين ويئي. 29 پوءِ اُها سرحد اولهہ طرف رامہ ڏانهن ڦري ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي. اتان اُها حوسہ ڏانهن ڦري ۽ پوءِ اتان نڪري ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. انهيءَ ۾ اڪزيب، 30 عمہ، افيق ۽ رحوب بہ شامل هئا، ڪل ٻاويهہ شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت. 31 اهي شهر ۽ ڳوٺ آشر قبيلي جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا. نفتالي قبيلي جو ورثو 32 ڇهون ڪُڻو بني نفتالي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو: 33 انهن جي سرحد حلف کان شروع ٿي ۽ ضعننيم جي شاهہبلوط وڻ کان، ادامينقب، يبنيايل ۽ لقوم کان ٿيندي اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي. 34 اتان اها سرحد ڦري اولهہ طرف ازنوتتبور جبل ڏانهن ويئي ۽ اتان حقوق ڏانهن ويئي. انهيءَ علائقي جي ڏکڻ ۾ زبولون علائقو، اولهہ ۾ آشر علائقو ۽ اوڀر طرف اردن درياءُ اچي وڃي ٿو. 35 قلعن وارا شهر هي هئا: صديم، صير، حمات، رقت، ڪنرت، 36 ادامہ، رامہ، حصور، 37 قادس، ادرعي، عينحصور 38 ارون، مجدالايل، حريم، بيتعنات ۽ بيتشمس، ڪل اوڻيهہ شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت. 39 اهي شهر ۽ ڳوٺ نفتالي قبيلي جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا. دان قبيلي جو ورثو 40 ستون ڪُڻو بني دان قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو. 41 سندن ورثي ۾ هي شهر آيا: صرعاہ، استال، عيرشمس، 42 شعلبين، ايالون، اتلاہ، 43 ايلون، تمنہ، عقرون، 44 التقيہ، جِبتون، بعلات، 45 يهود، بنيبرق، جاترمون، 46 مييرقون، رقون، يافہ جي سامهون واري علائقي سميت. 47 جيئن تہ بني دان کي پنهنجو علائقو پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ ڏکيو هو، تنهنڪري هنن اتر ۾ ليس شهر تي وڃي حملو ڪيو. اتي جي رهندڙن کي تلوار سان ماري، انهيءَ تي قبضو ڪيائون. پوءِ هو ليس ۾ ئي آباد ٿيا ۽ انهيءَ جو نالو بدلائي پنهنجي ابي ڏاڏي جي نالي پٺيان دان رکيائون. 48 اهي شهر ۽ ڳوٺ دان قبيلي جي گھراڻن جي ميراث ۾ هئا. يشوع جو ورثو 49 جڏهن هنن اها زمين ورثي طور ورهائي پوري ڪئي، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي وچ ۾ هڪڙو حصو يشوع بن نون کي ملڪيت ڪري ڏنو. 50 جيئن خداوند حڪم ڏنو هو تيئن هنن اُهو ئي شهر يشوع کي ڏنو جيڪو هن گھريو هو يعني تمنتسرح، جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آهي. هن اهو شهر وري تعمير ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳو. 51 اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society