Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 16 - Muslim Sindhi Bible


افرائيم قبيلي کي مليل ورثو

1 بني يوسف کي مليل حصي جي سرحد يريحو شهر جي اردن نديءَ کان يريحو جي چشمن جي اوڀر کان شروع ٿي ۽ اتان کان بيابان منجھان لنگھندي بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ وڃي نڪتي.

2 اها بيت‌ايل يعني لوز کان هلندي ارڪين قوم جي علائقي عطارات ۾ آئي.

3 اتان اولهہ طرف ڏانهن يفليطين قوم جي علائقي ڏانهن لهندي وڃي هيٺئين بيت‌حورون تائين پهتي. وري اها اتان اڳتي هلي جزر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي.

4 اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو.

5 افرائيم قبيلي جي سندن گھراڻن موجب علائقو هي هو: هنن جي سرحد اوڀر طرف عطارات ادار کان وٺي مٿئين بيت‌حورون تائين ويئي

6 ۽ اتان کان ڀونوچ سمنڊ تائين ويئي. اترئين پاسي مڪمتاہ کان اها اوڀر طرف تانت‌سيلا ڏانهن مڙي، انهيءَ جو پاسو ڏيئي اوڀر طرف ينوحاہ تائين ويئي.

7 ينوحاہ کان هيٺ لهي عطارات ۽ نعراتہ ڏانهن وڃي يريحو شهر تائين پهتي ۽ پوءِ اتان نڪري اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي.

8 اها سرحد تفوح کان اولهہ ڏانهن قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي ۽ ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اهو آهي افرائيم قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو.

9 انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا.

10 پر انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي ڀڄائي نہ ڪڍيو، سو ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن. البت هو ٻانها ٿي انهن جي بيگار جو ڪم ڪندا آهن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan