Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 15 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ قبيلي کي ڏنل علائقو

1 يهوداہ قبيلي کي سندن گھراڻن موجب جيڪو حصو مليو سو هي هو. سندن علائقو ادوم جي علائقي ڏانهن صين جي بيابان جي ڏکڻ واري تمام پڇاڙيءَ واري ڀاڱي تائين هو.

2 سندن ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿي،

3 عقربيم لڪ جي ڏکڻ کان ٿيندي صين تائين ويئي. اتان وري اها سرحد قادش‌برنيع جي ڏکڻ کان ٿيندي، حصرون کان لنگھندي، ادار ڏانهن وڃي قرقع ڏانهن ڦري،

4 عضمون ڏانهن هلي وڃي، مصر جي سرحدي برساتي نهر کان ٿيندي ڀُونوِچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اها انهن جي ڏاکڻي سرحد هئي.

5 اوڀر واري سرحد کاري سمنڊ جو ڪنارو هئي جيڪا ڏاکڻي ڇيڙي کان ويندي اردن درياءَ جي ڇوڙ تائين هئي. اُتر واري سرحد کاري سمنڊ جي اتر واري ڇيڙي کان شروع ٿي،

6 بيت‌حجلہ کان ٿيندي بيت‌العرابہ جي اترئين پاسي کان لنگھندي روبن جي پٽ بوهن جي پٿر تائين ويئي.

7 پوءِ اها سرحد عڪور جي ماٿريءَ مان ٿيندي دبير تائين ويئي، جتان وري اتر طرف جِلجال ڏانهن ڦري جيڪو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون واري برساتي نهر جي ڏکڻ پاسي آهي. پوءِ اتان لنگھي عين‌شمس جي چشمن وٽان ٿيندي عين‌راجل تائين وڃي پهتي.

8 پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.

9 پوءِ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي چشمن وٽان نڪري عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي ۽ اتان لهي بعلہ يعني قريت‌يعريم ڏانهن آئي.

10 پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.

11 پوءِ اتان عقرون جي اترينءَ لاهيءَ ڏانهن وڃي سڪرون ڏانهن ڦري ۽ بعلہ جبل وٽان لنگھي يبني‌ايل وٽ پهتي. اها سرحد ڀُونوِچ سمنڊ تي ختم ٿي

12 ۽ اِهو ئي سمنڊ اولهہ واري سرحد هئي. يهوداہ قبيلي جون اهي سرحدون هيون.


ڪالب جو حبرون ۽ دبير شهرن کي فتح ڪرڻ
( رهبرَ 1‏:11‏-15 )

13 جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي هن يفنہ جي پٽ ڪالب کي يهوداہ قبيلي جي علائقي مان قريت‌اربع يعني حبرون شهر ڏنو جيڪو اڳ ۾ عناق جي وڏي اربع جو هو.

14 ڪالب ٽن عناقي قبيلن يعني سيسي، اخيمان ۽ تلمي جيڪي عناق جو اولاد هئا، تن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو.

15 اُتان وري هو دبير شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ ويو. اڳي انهيءَ شهر جو نالو قريت‌سِفر هو.

16 تڏهن ڪالب چيو تہ ”جيڪو قريت‌سِفر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪندو تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائيندس.“

17 پوءِ ڪالب جي ڀاءُ قنز جي پٽ غتني‌ايل انهيءَ تي قبضو ڪيو، سو ڪالب پنهنجي ڌيءَ عڪسہ هن کي پرڻائي ڏني.

18 شاديءَ واري ڏينهن عڪسہ پنهنجي مڙس غتني‌ايل کي ڀڙڪايو تہ ”منهنجي پيءُ کان ڪا وڌيڪ ٻني گھُرون.“ سو جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لٿي تہ ڪالب وٽس اچي پڇيس تہ ”تو کي ڇا کپي؟“

19 هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي بخشش ڏي. جيئن تہ تو مون کي ڏکڻ واري خشڪ زمين ڏني آهي تنهنڪري مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي.“ تنهن تي ڪالب حبرون شهر جي ويجھو مٿيان توڙي هيٺيان چشما کيس ڏيئي ڇڏيا.


يهوداہ قبيلي کي ورثي ۾ مليل شهر

20 يهوداہ قبيلي کي گھراڻن موجب سندن ورثي ۾ مليل

21 ادوم جي سرحد وارا ڏکڻ پاسي ۾ سڀ کان ڏورانهان شهر هي هئا: قبضي‌ايل، عيدر، يجور،

22 قينہ، ديمونہ، عدعدہ،

23 قادس، حصور، اتنان،

24 زيف، تلم، بعلوت،

25 حصور حدتہ، قريوت حصرون يعني حصور.

26 امام، سمع، مولادہ،

27 حصار‌جدہ، حشمون، بيت‌فلط،

28 حصر‌سوعال، بيرسبع، بزيوتياہ،

29 بعلہ، عييم، عضم،

30 التولد، ڪسيل، حُرمہ،

31 صِقلاج، مدمنہ، سنسناہ،

32 لبائوت، سلحيم، عين ۽ رمون، جملي اوڻٽيهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

33 هيٺاهين علائقي وارا شهر هي هئا: استال، صرعاہ، اسناہ،

34 زنوح، عين‌جنيم، تفوح، عينام،

35 يرموت، عُدلام، شوڪو، عزيقہ،

36 شعريم، عديتيم، جِديرہ ۽ جديرتيم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

37 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: ضنان، حداشہ، مجدل‌جد،

38 دلعان، مصفاہ، يقتي‌ايل،

39 لڪيس، بصقت، عجلون،

40 ڪبون، لحمام، ڪتليس،

41 جديروت، بيت‌دجون، نعمہ ۽ مقيدہ، ڪل سورهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

42 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: لبناہ، عتر ۽ عسن،

43 يفتاح، اسنہ، نصيب،

44 قعيلہ، اڪزيب ۽ مريسہ، ڪل نَوَ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

45 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: عقرون ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ،

46 عقرون کان وٺي ڀُونوِچ سمنڊ تائين ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي اشدود جي ويجھو هئا،

47 اشدود ۽ غزہ ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مصر جي سرحد واري برساتي نهر جي ڪناري ۽ ڀُونوِچ سمنڊ جي ڪناري تائين هئا.

48 جابلو علائقي وارا شهر هي هئا: سمير، يتير، شوڪو،

49 دناہ، قريت‌سِفر يعني دبير،

50 عناب، استموہ، عنيم،

51 جشن، حولون ۽ جِلوہ، ڪل يارهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

52 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: اراب، دوماہ، اشعان،

53 ينيم، بيت‌تفوح، افيقہ،

54 حمطہ، قريت‌اربع يعني حبرون ۽ صيعُور، ڪل نَوَ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

55 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: معون، ڪرمل، زيف، يوطہ،

56 يزرعيل، يقدعام، زنوح،

57 قين، جِبعہ ۽ تمنہ، ڪل ڏهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

58 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: حلحول، بيت‌صور، جدُور،

59 معرات، بيت‌عنوت ۽ التقون، ڪل ڇهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

60 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ۽ ربہ، ڪل ٻہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

61 بيابان وارا شهر هي هئا: بيت‌عرابہ، مدين، سڪاڪہ،

62 نبسان، لوڻ جو شهر ۽ عين‌جدي، ڪل ڇهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

63 پر بني يهوداہ يروشلم جي رهاڪن يعني يبوسين کي سندن شهر مان ڪڍي نہ سگھيا. انهيءَ ڪري يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan