يشوع 14 - Muslim Sindhi Bibleاردن درياءَ جي اولهہ طرف واري علائقي جي ورهاست 1 هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا. 2 سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو. 3-4 موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو. 5 جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو ۽ زمين ورهايائون. ڪالب کي حبرون ملڻ 6 پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادشبرنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو. 7 انهيءَ وقت منهنجي عمر چاليهہ سال هئي جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادشبرنيع مان هن ملڪ جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مون موٽي اچي کيس صحيح صحيح خبر ڏني هئي. 8 منهنجا همقوم ڀائر جيڪي مون سان گڏ هليا هئا تن تہ ماڻهن جون دليون ئي ڏڪائي ڇڏيون هيون، پر مون خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي. 9 تڏهن انهيءَ ڏينهن موسيٰ قسم کڻي مون کي چيو تہ ’جيڪا زمين تو لتاڙي آهي سا ضرور تو ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ جو ورثو ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند منهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي آهي.‘ 10 انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي. 11 اڄ بہ آءٌ اهڙو ئي مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هئس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو هو. اڄ بہ مون کي جنگ لاءِ يا ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙي ئي طاقت آهي جهڙي اڳي هئي. 12 تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“ 13 تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين. 14 تنهنڪري حبرون شهر اڄ ڏينهن تائين ڪالب ولد يفنہ قنزيءَ جي اولاد جي ملڪيت آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي. 15 حبرون شهر کي اڳي قريتاربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society