يشوع 10 - Muslim Sindhi Bibleسج جي رڪجي وڃڻ وارو معجزو 1 يروشلم جي بادشاهہ ادونيصدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن. 2 تڏهن يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي جي ماڻهن کي انهيءَ تي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇاڪاڻ تہ جِبعون شاهي شهرن وانگر هڪ وڏو شهر هو. اهو عئي شهر کان وڏو هو ۽ اتي جا سڀ ماڻهو سٺا جنگجو هئا. 3 سو يروشلم جي بادشاهہ ادونيصدق هيئن ڪيو جو حبرون جي بادشاهہ هوهام، يرموت جي بادشاهہ پيرام، لڪيس جي بادشاهہ يافيع ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير ڏانهن هي پيغام ڏياري موڪليائين تہ 4 ”جِبعون شهر تي حملي ڪرڻ ۾ اچي منهنجي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اتي جي رهاڪن يشوع ۽ بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي.“ 5 تنهنڪري امورين جي پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم، حبرون، يرموت، لڪيس ۽ عجلون جي بادشاهن پنهنجيون فوجون گڏ ڪيون. پوءِ هنن وڃي جِبعون کي گھيري هيٺ آندو ۽ مٿس حملو ڪيو. 6 تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيميگاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“ 7 سو يشوع ۽ سندس سڄي فوج جن ۾ بهترين جنگي جوان هئا جِلجال مان روانا ٿيا. 8 خداوند يشوع کي چيو تہ ”انهن کان نہ ڊڄجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون هنن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگھندو.“ 9 يشوع ۽ سندس فوج سڄي رات جِلجال کان جِبعون تائين پنڌ ڪري امورين تي اوچتو اچي حملو ڪيو. 10 خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيتحورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا. 11 جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيتحورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا. 12-13 انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو. 14 انهيءَ کان اڳي يا انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جهڙو ڏينهن ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جي ڳالهہ مڃي هجي. بيشڪ خداوند بني اسرائيل جي پاران پئي وڙهيو. 15 پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيميگاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو. پنجن اموري بادشاهن کي قتل ڪرڻ 16 هوڏانهن دشمن لشڪر جا اهي پنج ئي بادشاهہ ڀڄي مقيدہ شهر جي هڪڙي غار ۾ وڃي لڪا. 17 سو يشوع کي ڪنهن ٻڌايو تہ ”اهي پنج ئي بادشاهہ مقيدہ جي هڪڙي غار ۾ لڪل ڏٺا ويا آهن.“ 18 تڏهن يشوع پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڪي وڏا پٿر ريڙهي انهيءَ غار جي منهن تي آڻي ڏيو ۽ غار جي مٿان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ بيهاري ڇڏيو. 19 پر اوهين پاڻ نہ ترسجو، بلڪ پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئجو ۽ مٿن پٺيان کان حملو ڪجو. هنن کي سندن شهرن ۾ گھڙڻ نہ ڏجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“ 20 يشوع ۽ بني اسرائيل ذري گھٽ هنن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ انهن مان جيڪي ڪي بچي ويا تن ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي پناهہ ورتي. 21 پوءِ يشوع جا سڀ ماڻهو سلامتيءَ سان موٽي مقيدہ جي خيميگاهہ ۾ يشوع وٽ آيا. انهيءَ علائقي مان ڪوبہ بني اسرائيل جي خلاف زبان نہ چوري سگھيو. 22 پوءِ يشوع چيو تہ ”غار جو منهن کوليو ۽ انهيءَ مان پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي مون وٽ وٺي اچو.“ 23 هنن غار جو منهن کوليو ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم جي بادشاهہ، حبرون جي بادشاهہ، يرموت جي بادشاهہ، لڪيس جي بادشاهہ ۽ عجلون جي بادشاهہ کي غار مان ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا. 24 تڏهن يشوع بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو ۽ لشڪر جا سالار جيڪي ساڻس گڏ جنگ تي ويا هئا تن کي چيائين تہ ”ويجھا اچو ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو.“ سو هنن ويجھو اچي پنهنجا پير انهن جي ڳچين تي رکيا. 25 پوءِ يشوع انهن سالارن کي چيو تہ ”نڪي ڊڄو نڪي بيهمت ٿيو. اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي سڀني دشمنن سان ائين ئي ڪندو، جن سان اوهين وڙهندا.“ 26 تنهن کان پوءِ يشوع انهن بادشاهن کي قتل ڪرايو ۽ سندن لاش پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏرايائين. اهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا. 27 سج لهڻ مهل يشوع جي حڪم تي انهن کي وڻن تان لاٿو ويو ۽ جنهن غار ۾ هو لڪا هئا، تنهن ۾ کين اڇلايو ويو. غار جي منهن تي ڪي وڏا پٿر آڻي ڏنا ويا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي پيا آهن. يشوع جو ڏکڻ طرف وارن شهرن تي قبضو 28 انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين. 29 تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت مقيدہ کان لبناہ شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائين. 30 خداوند اهو شهر بہ انهيءَ جي بادشاهہ سميت بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو. جيڪي ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. يشوع انهيءَ شهر جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪيو جيئن يريحو شهر جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين. 31 انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت لبناہ کان لڪيس ڏانهن ويو. هنن انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري مٿس حملو ڪيو. 32 جنگ جي ٻئي ڏينهن تي خداوند انهيءَ شهر کي سندن هٿن ۾ ڏنو ۽ هو مٿس قبضو ڪري ويا. جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، جيئن هن لبناہ ۾ ڪيو هو. 33 انهيءَ وقت جزر جو بادشاهہ هورم چڙهائي ڪري لڪيس شهر جي مدد ڪرڻ لاءِ آيو، پر يشوع سندس لشڪر سميت کيس اهڙي تہ شڪست ڏني جو انهيءَ جو ڪوبہ ماڻهو زندہ نہ بچيو. 34 انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت لڪيس کان عجلون شهر ڏانهن ويو. هنن انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري مٿس حملو ڪيو. 35 هنن انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن تي انهيءَ تي قبضو ڪري ورتو ۽ منجھس جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، جيئن هنن لڪيس سان ڪيو هو. 36 تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت عجلون کان حبرون شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون. 37 هنن انهيءَ تي بہ قبضو ڪيو ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سميت جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ ۾ يا انهيءَ جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هن شهر سان بہ ڪيائون ۽ جيڪي ماڻهو منجھس هئا، تن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائون. 38 انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت دبير شهر ڏانهن موٽيو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون. 39 هنن انهيءَ تي، انهيءَ جي بادشاهہ تي ۽ سڀني آسپاس وارن ڳوٺن تي قبضو ڪيو. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. يشوع دبير ۽ ان جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن هن لبناہ شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ۽ حبرون شهر سان ڪيو هو. 40 سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو. 41 يشوع قادشبرنيع کان وٺي غزہ تائين ۽ جشن جي سڄي علائقي کان وٺي جِبعون تائين سڀني کي شڪست ڏني. 42 اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي. 43 پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيميگاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society