يوناہ 4 - Muslim Sindhi Bibleيونس جو ڪاوڙجڻ 1 پر اها ڳالهہ يونس کي اصل نہ وڻي ۽ هو ڪاوڙيو. 2 هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين. 3 هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“ 4 تڏهن خداوند کيس فرمايو تہ ”ڇا تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ 5 پوءِ يونس شهر کان ٻاهر اوڀر طرف نڪري ويو. اُتي پنهنجي لاءِ هڪڙو ڇپر ٺاهي ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي. 6 خداوند خدا هڪڙو ٻوٽو پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کي يونس جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيائين تہ جيئن هو تڪليف کان بچي. يونس انهيءَ ٻوٽي جي ڪري تمام گھڻو خوش ٿيو. 7 پر ٻئي ڏينهن صبح جي وقت خدا هڪڙو ڪينئون موڪليو، جنهن ٻوٽي کي ٽُڪيو تہ اهو ڪومائجي ويو. 8 پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“ 9 تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“ 10 تڏهن خداوند فرمايو تہ ”تو کي انهيءَ ٻوٽي جي ايتري ڳڻتي آهي جنهن جي لاءِ تو نہ تہ ڪا محنت ڪئي، نڪي ان کي اُڀاريو. اهو تہ هڪڙيءَ ئي رات ۾ پيدا ٿيو ۽ هڪڙيءَ ئي رات ۾ سُڪي سڙي ويو. 11 تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بيشمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society