يوناہ 2 - Muslim Sindhi Bibleيونس جي دعا 1 تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ 2 ”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي. 3 تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو، سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا. اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون. 4 اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس. 5 پاڻيءَ مون کي دڙڪا ڏيئي غرق ڪيو، چوڌاري اونهي سمنڊ مون کي گھيري رکيو، سمنڊ جا ڪک ڪانا منهنجي مٿي کي ويڙهجي ويا. 6 آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو. 7 جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي. 8 جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا. 9 پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“ 10 پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society