يوايل 2 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي عدالت جي ڏينهن جو بيان 1 اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي. 2 اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي. 3 اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي. 4 اهي گھوڙن وانگر ڏسڻ ۾ ايندا، ۽ ائين ڊڪندا ڊوڙندا جيئن جنگي گھوڙا. 5 اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي. 6 انهن جي آڏو خوف وچان ماڻهو ڏڪڻ لڳندا. هائو، انهن کي ڏسي ماڻهن جا منهن پيلا ٿي ويندا. 7 اهي بهادرن وانگر ڪاهہ ڪري ايندا، ۽ جنگي جوڌن وانگر ڪوٽن تي چڙهي ويندا. اهي سڀ بلڪل سڌو اڳتي وڌندا ويندا، ۽ پنهنجيون صفون بلڪل نہ ٽوڙيندا. 8 اهي هڪٻئي کي ڌڪا نہ ڏيندا، بلڪ هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي سان پيو هلندو. تير توڙي ڀالا بہ کين سندن رستي کان هٽائي نہ سگھندا. 9 اهي يروشلم شهر مٿان ڌوڪيندا ايندا، ۽ انهيءَ جي ڪوٽ جي ڀتين تي چڙهي گھرن ۾ گھڙي ويندا. هائو، اهي چورن وانگر درين منجھان گھرن ۾ داخل ٿي ويندا. 10 انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي. 11 خداوند پاڻ پنهنجي انهن بيشمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو. توبهہتائب ٿيڻ لاءِ سڏ 12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہتائب ٿيو.“ 13 سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو. 14 شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا. 15 اي خداوند جا خدمتگار ڪاهنؤ! صيئون جبل تي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ نفيل وڄايو، تہ جيئن اهي اچي ڏک جي اظهار لاءِ خاص روزو رکن. 16 هائو، سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪري کين پاڪ گڏجاڻيءَ لاءِ تيار ڪريو. وڏي عمر وارن کان وٺي کير پياڪ معصومن تائين سڀني کي آڻي گڏ ڪريو. ايتري قدر جو نوان گھوٽ ڪنوار بہ پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڇڏي ضرور اچي حاضر ٿين. 17 اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“ خداوند جو ملڪ کي وري زرخيز بڻائڻ 18 تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري 19 سندن گھريل دعائن جي جواب ۾ فرمايو تہ ”ڏسو، آءٌ جھجھو اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل عطا ڪري اوهان کي خوشحال بڻائيندس. آئيندہ لاءِ آءٌ غير قومن هٿان اوهان جي توهين ٿيڻ نہ ڏيندس. 20 آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي. 21 سو اي بني اسرائيل جي زمين! ڊڄ نہ، بلڪ سرهي ٿيءُ ۽ خوشيون ملهاءِ، ڇاڪاڻ تہ هاڻ آءٌ خداوند تو تي وڏيون وڏيون مهربانيون ڪندس. 22 اي جھنگ جا جانورؤ! ڪو خوف نہ ڪريو، اوهان جا چراگاهہ وري سرسبز ٿي ويندا. انجير جا وڻ ۽ انگورن جون وليون ميوي سان ڍڪجي وينديون، بلڪ سڀيئي ميويدار وڻ جھجھو ڦر جھليندا. 23 اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس. 24 ايتري قدر جو اوهان جا ڳاهڻ وارا پِڙ اناج سان ڀرجي ويندا، ۽ حوض مئي ۽ زيتون جي تيل سان ٽمٽار ٿي اُٿلي پوندا. 25 آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا. 26 پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا. 27 بلڪ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ۽ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان. اوهان جو ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هوندو. پوءِ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“ خداوند جي روح جو نازل ٿيڻ 28 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ کان پوءِ آءٌ سڀني ماڻهن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائڻ لڳندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسڻ لڳندا، 29 بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن توڙي ٻانهين تي بہ نازل ڪندس. 30 آءٌ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي پنهنجا عجيب ڪم ظاهر ڪندس. اهي خونريزي، باهہ ۽ دونهين جي ڪڪرن جي صورت ۾ هوندا. 31 سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو. 32 پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society