Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوايل 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خداوند جو اهو پيغام آهي جيڪو يوايل ولد فتوايل جي معرفت ڏنو ويو.


فصلن جي تباهيءَ تي مرثيو

2 ٻڌو، اي عمر رسيدؤ! بلڪ هن ملڪ يهوداہ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. ڇا اوهان جي يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪا ههڙي ڳالهہ ٿي آهي؟

3 اوهين اها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو، اوهان جو اولاد وري پنهنجي اولاد کي ۽ انهن جو اولاد وري بعد ۾ ايندڙ پيڙهيءَ سان انهيءَ جو ذڪر ڪري تہ

4 ماڪڙ جي ڪٽڪن مٿان ڪٽڪن اچي فصلن تي حملو ڪيو. پهرئين ڪٽڪ کان جيڪي ڪجھہ بچيو بہ هو تہ اهو وري ٻئي ڪٽڪ اچي ڳڙڪائي ڇڏيو.

5 اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو. هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو، ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.

6 جيئن تہ ماڪڙ جو هڪڙو ڪٽڪ اسان جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو، جيڪو ڏاڍو طاقتور ۽ قوم جي وڏي لشڪر جيان هو. انهن جا ڏند ۽ ڄاڙيون شينهن جهڙا هئا.

7 انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن. وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن، ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.

8 سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.

9 اناج توڙي مئي ختم ٿي ويئي آهي، سو اهي قربانين لاءِ هيڪل ۾ نہ ٿا آندا وڃن. خداوند جي آڏو قربانيون پيش نہ ٿيڻ ڪري ڪاهن روڄ راڙي ۾ پيا گذارين.

10 ٻنيون ويران ٿي ويون آهن، بلڪ سڄو ملڪ تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. هائو، اناج، انگور ۽ زيتون سڪي سڙي ويا آهن.

11 اي ڪڙميؤ! اوهين ڏاڍا غمگين ٿي وڃو، اي انگورن جا باغبانؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ ڪڻڪ، جَوَ، بلڪ ٻنيءَ جو هر فصل چٽ ٿي ويو آهي.

12 انگورن جون وليون ۽ انجير جا وڻ سڪي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوہ ڏاڙهون، کجيءَ ۽ صوف جا وڻ، بلڪ باغ جو هر وڻ ڪومائجي ويو آهي. سو ان آفت جي ڪري بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.

13 اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.

14 اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.

15 اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي. آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!

16 اسان جو رزق اسان جي اکين اڳيان ناس ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گھر کان هلي ويئي آهي.

17 ٻج ٻنيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪنو ٿي ويو آهي، بلڪ سڀيئي فصل سڪي سڙي ويا آهن. تنهنڪري اناج جا گدام ۽ ڀانڊا ويران پيا آهن.

18 اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.

19 اي خداوند! آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ ساڙيندڙ گرميءَ ٻنيءَ جا وڻ توڙي چراگاهہ، بلڪ سڀ ڪجھہ ساڙي ڇڏيو آهي.

20 جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan