Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 8 - Muslim Sindhi Bible


بلدد جو پهريون گفتگو ( 8‏:1‏-22 ) بلدد جو ايوب کي ڇينڀڻ

1 تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي ايوب کي چيو تہ

2 ”ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ڪيستائين تنهنجيون ڳالهيون آنڌي طوفان جيان هونديون؟

3 ڇا خدا عدل کي ڦيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا قادرِمطلق انصاف جو خون ٿو ڪري؟

4 جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.

5 پوءِ بہ جيڪڏهن تون خدا جي مدد جو طالبو ٿيندين، ۽ قادرِمطلق کي ٻاڏائيندين،

6 تڏهن جي تون پاڪ ۽ سچو هوندين، تہ پوءِ يقيناً هو تنهنجي مدد لاءِ اٿندو. هو تنهنجي سچائيءَ جي انعام طور تنهنجي گھراڻي کي وري بحال ڪندو.

7 ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.

8 گھڙي پلڪ لاءِ اڳين زمانن جي ڏاهپ بابت غور ويچار ڪري ڏس، ۽ ڄاڻي وٺ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون حقيقتون سکيون.

9 جڏهن تہ اسين ڪالهوڪا ٻار آهيون ۽ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻون، ڌرتيءَ تي اسان جا ڏينهن هڪ پاڇي وانگر گذريو وڃن.

10 ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ

11 ڪانو ڀلا سڪل زمين ۾ ڦٽي سگھي ٿو ڇا؟ يا ٻُوڙو پاڻيءَ کان سواءِ اڀري سگھي ٿو ڇا؟

12 جڏهن تہ اهو اڃا وڌندو ئي ويندو آهي، ۽ وڍيو بہ ڪين ويندو آهي، تہ پاڻي نہ ملڻ تي اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي سڪي ويندو آهي.

13 خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بي‌دينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي.

14 انهن جو آسرو ٽوڙيو ويندو، ڇو تہ سندن ڀروسو ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي.

15 جيڪڏهن هو ڄاري کي ٽيڪ ڏيندا تہ ڇا اهو کين ڪِرڻ کان بچائيندو؟ جيڪڏهن هو ڄاري کي چنبڙندا تہ ڇا اهو کين جھلي بيهندو؟

16 بدڪار ماڻهو انهن ٻوٽن وانگر اڀرن ٿا، جيڪي سٺي موسم ۾ وڌن ٿا. انهن ٻوٽن جيان جيڪي سڄي باغ ۾ پکڙجي ٿا وڃن.

17 انهن جون پاڙون توڙي جو پٿرن جي ڍڳ کي چوڌاري ويڙهجي وڃن ٿيون، يا وري پٿريلي جاءِ ۾ داخل ٿين ٿيون،

18 پر جڏهن انهن کي پٽڻ وارو پٽي ڪڍي ٿو، تڏهن ڪنهن کي معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ اتي انهن جي ڪا جاءِ بہ هئي.

19 هائو، بدڪار ماڻهوءَ جو اهو ئي انجام آهي، ائين سندس جاءِ تي وري ٻيو ڦٽي نڪري ٿو.

20 پر ياد رک، خدا بي‌قصور ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي، نڪي بدڪار ماڻهوءَ جا هٿ مضبوط ٿو ڪري.

21 سو اي ايوب! هو هاڻي بہ تنهنجو وات کِلَ سان، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان ڀري سگھي ٿو.

22 هائو، جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا، سي بيحد شرمسار ٿيندا. خدا بدڪارن جي گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan