Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 7 - Muslim Sindhi Bible


زندگيءَ بابت ايوب جي شڪايت

1 ”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟

2 جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،

3 تيئن ئي مهينن پٺيان مهينا منهنجي زندگي بي‌فائدي پيئي گذري، منهنجيون راتين پٺيان راتيون تڪليف ۾ ٿيون گذرن.

4 جڏهن آءٌ ليٽندو آهيان تڏهن سوچيندو آهيان تہ ’الاجي ڪڏهن ڏينهن ٿيندو.‘ رات ايتري تہ ڊگھي ٿي ويندي آهي، جو پرهہ ڦٽيءَ تائين رڳو پيو اٿلندو پٿلندو آهيان.

5 منهنجو ماس ڪينئن ۽ کرنڊن سان ڀريو پيو آهي. منهنجي چمڙي هڪ هنڌان ٺيڪ ئي نہ ٿي ٿئي تہ ٻئي هنڌان ڦاٽي پوي ٿي.

6 منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ کان بہ تيزيءَ سان ٿا هلن، اهي نااميديءَ ۾ پورا ٿيندا ٿا وڃن.

7 آءٌ خدا کي ياد ٿو ڏياريان تہ منهنجي زندگي تہ رڳو ڦوڪ مثل آهي، ۽ منهنجيون اکيون وري خوشي ڪين ڏسنديون.

8 جيڪي ماڻهو مون کي هينئر ڏسن ٿا، سي منهنجي موت بعد مون کي وري نہ ڏسندا. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس جو جڏهن خدا مون ڏانهن نهاريندو، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.

9 جيئن ڪو ڪڪر لنگھي گم ٿيو وڃي، تيئن قبر ۾ لهي وڃڻ وارو وري مٿي نہ ٿو اچي.

10 اهو پنهنجي گھر وري موٽي نہ ايندو، بلڪ پنهنجي گھر وارن کان بہ اهو وسري ويندو.“


ڇڏي پري ٿيڻ لاءِ ايوب جو خدا کي عرض

11 ”تنهنڪري آءٌ پنهنجي زبان کي ڪين روڪيندس، بلڪ آءٌ پنهنجي روح جي رنج مان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجي جان جي عذاب ڪري خدا سان شڪايت ڪندس:

12 آءٌ ڪا خونخوار سامونڊي بلا آهيان ڇا، جو تون منهنجي چوڌاري بند ٿو ٻڌين؟

13 جڏهن آءٌ سمهي آرام وٺڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، تان‌تہ جيئن پنهنجي ڏک کي گھٽائي سگھان،

14 تڏهن تون وري خوابن ۾ مون کي ڊيڄارين ٿو، ۽ رويائن جي وسيلي مون کي دهشت وٺايو ڇڏين.

15 ايتري قدر جو منهنجي جان گھُٽجي مرڻ کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي، هائو، ڏک جي ڪري موت کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي.

16 مون کي پنهنجي حياتيءَ کان نفرت آهي، بس هاڻ آءٌ گھڻي وقت تائين ڪين جيئندس. سو هاڻ تہ مون کي ڇڏي پري ٿيءُ، ڇو تہ منهنجي حياتي ڪنهن دم جي مهمان آهي.

17 خسيس انسان کي تون ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئين؟ ڇو تون هن کي سدائين پنهنجي نظر ۾ ٿو رکين؟

18 جو هر صبح تون سندس تاڙ ڪرين، ۽ هر گھڙيءَ کيس آزمائش ۾ پيو وجھين.

19 ڪيستائين تون پنهنجي نظر مون تي ڄمايو رهندين؟ ڇا مون کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيندين جو آءٌ ٿُڪ ڳهي وٺان؟

20 اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟

21 ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan