Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 6 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو اليفز کي ورندي ڏيڻ ( 6‏:1‏–7‏:21 ) ايوب جو ڏک جو اظهار ڪرڻ

1 تڏهن ايوب اليفز کي ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”ڪاش! ائين ممڪن هجي ها، جو منهنجا ڏک ۽ منهنجيون مصيبتون تارازيءَ ۾ توريا وڃن ها،

3 تہ هوند اهي سمنڊ جي واريءَ کان بہ وڌ ڳرا نڪرن ها. سو جي منهنجيون ڳالهيون کهريون آهن تہ ان ۾ ڪهڙي عجب جي ڳالهہ آهي!

4 قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.

5 ڇا ڪو جھنگلي گڏهہ ان وقت هينگي ٿو، جڏهن گاهہ سندس اڳيان هجي؟ ڇا ڪو ڏاند ان وقت رنڀي ٿو جڏهن چارو سندس اڳيان هجي؟

6 ڀلا جنهن کاڌي ۾ لوڻ هجي ئي نہ، تہ منجھس ڪو سواد ٿي سگھجي ٿو؟ يا آني جي رڳو اڇاڻ ئي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟

7 منهنجي دل تہ اهڙي کاڌي کي هٿ لائڻ بہ پسند نہ ٿي ڪري. اهڙي کاڌي کان مون کي ڪراهت ٿي اچي.“


ايوب جي نااميدي

8 ”خدا منهنجي اميد پوري ڇو نہ ٿو ڪري؟ جنهن شيءِ جو آءٌ خواهشمند آهيان، سا هو مون کي ڇو نہ ٿو ڏئي؟

9 ڪاش! خدا منهنجي اميد پوري ڪري جو مون کي ماري ڇڏي. ڪاش! هو پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي حياتي وڍي اڇلائي.

10 جيڪڏهن مون کي معلوم ٿئي تہ خدا ائين ڪندو، تڏهن جيڪر مون کي تسلي ٿئي، ۽ هي دائمي ايذاءَ آءٌ خوشيءَ سان پيو سهان، ڇاڪاڻ تہ مون انهيءَ پاڪ هستيءَ جي ڳالهين جو ڪڏهن بہ انڪار ناهي ڪيو.

11 مون ۾ ڪهڙي طاقت رهي آهي، جو آءٌ چڱي پڇاڙيءَ جو انتظار ڪريان؟ ۽ منهنجي چڱي پڇاڙي ڪهڙي آهي، جو آءٌ انهيءَ لاءِ صبر ڪري ويهي رهان؟

12 ڀلا آءٌ ڪو پٿر جو ٺهيل آهيان ڇا؟ يا منهنجو جسم ڪو پتل جو آهي ڇا؟

13 ڇا ائين نہ آهي تہ آءٌ لاچار آهيان؟ ۽ مون ۾ بچڻ جي اميد بلڪل نہ رهي آهي؟“


دوستن خلاف ايوب جي شڪايت

14 ”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري.

15 اوهان دوستن مون سان انهن فريب ڏيندڙ نهرن وانگر ٺڳي ڪئي آهي، جيڪي پاڻيءَ جي موسم ۾ تہ پاڻيءَ سان ڀريل هونديون آهن،

16 انهن نهرن ۾ جھجھو پاڻي وهندو رهندو آهي، جيڪو پگھريل برف مان وهندو آهي،

17 پر گرميءَ جي وقت انهن جو پاڻي زمين ۾ جذب ٿي غائب ٿيو وڃي، ۽ اهي نهرون سڪي ٺوٺ ٿي وينديون آهن.

18 تڏهن جيڪي قافلا پاڻيءَ لاءِ پنهنجي رستي کان مڙي اچن ٿا، سي اتي اچي سُڃ ۾ ڦاسي ناس ٿي وڃن ٿا.

19 تيما کان ايندڙ قافلا پاڻي تلاش ڪندا رهن ٿا، ۽ شبا کان ايندڙ ٽوليون انهيءَ لاءِ واجھائينديون رهن ٿيون.

20 پر اهي شرمندا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن اميد ٿي رکي، اهي اتي پهچن ٿا تہ رڳو مايوسي ئي کين پلئِہ پوي ٿي.

21 اهڙيءَ ئي طرح اوهين منهنجي لاءِ اهڙيون خشڪ نهرون ثابت ٿيا آهيو. اوهين ڇو منهنجي مصيبت ڏسي ڊڄي هٽي ٿا وڃو؟

22 ڇا مون اوهان کي چيو آهي تہ مون کي ڪا سوکڙي ڏيو؟ يا هي تہ پنهنجي مال ملڪيت مان ڪنهن کي منهنجي طرفان ڪا رشوت ڏيو؟

23 يا مون کي دشمنن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟“


ايوب جو پاڻ کي بي‌ڏوهي چوڻ

24 ”اوهين مون کي ٻڌايو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اوهين مون کي هن مصيبت جو حقدار ثابت ڪندا، تہ پوءِ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس.

25 سچيون ڳالهيون ڪيتريون نہ اثرائتيون ٿينديون آهن! پر اوهان جا دليل تہ بلڪل بي‌اثر ۽ بيڪار آهن.

26 اوهين سمجھو ٿا تہ منهنجيون ڳالهيون هوائي آهن، تہ پوءِ نااميديءَ ۾ چيل منهنجي انهن ڳالهين تي ڇو بي‌رحميءَ سان ڇينڀيو ٿا؟

27 ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟

28 هاڻي مهرباني ڪري مون ڏانهن ڌيان ڏيو، آءٌ اوهان جي آڏو هرگز ڪوڙ نہ ڳالهائيندس.

29 آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ بي‌انصافيءَ کان باز اچو، هائو، باز اچو، ڇو تہ آءٌ حق تي آهيان.

30 ڇا منهنجي زبان تي ڪا بي‌انصافيءَ جي ڳالهہ آهي؟ ڇا فتني فساد وارين ڳالهين کي سڃاڻڻ جو مون ۾ ڪو شعور ڪونهي؟“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan