Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 42 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو توبهہ‌تائب ٿيڻ

1 تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، تنهنجو ڪوبہ ارادو روڪجي نہ ٿو سگھي.

3 تون چوين ٿو تہ مون تنهنجي حڪمت بابت پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي آهي، جڏهن تہ آءٌ بلڪل اڻ‌ڄاڻ آهيان. بيشڪ مون اهڙين حيرت‌ناڪ ڳالهين بابت ڳالهايو آهي، جيڪي منهنجي سمجھہ کان گھڻو مٿي هيون ۽ جن بابت مون کي ڪا ڄاڻ نہ هئي.

4 تو مون کي چيو هو تہ ’منهنجي ٻڌ، آءٌ ڪجھہ ڳالهائيندس ۽ تو کان پڇندس، تون مون کي انهيءَ جو جواب ڏي.‘

5 اڳ آءٌ تو بابت رڳو ٻڌندو هئس، پر هاڻي جڏهن تو کي اکين سان ڏٺو اٿم،

6 تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


خدا جو ايوب جي دوستن کي ڇينڀڻ

7 پوءِ جڏهن خداوند ايوب سان اهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن اليفز تيمانيءَ کي فرمايائين تہ ”مون کي تو تي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن تي ڪاوڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي، جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.

8 تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بي‌عقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“

9 تڏهن اليفز تيمانيءَ، بلدد سوخيءَ ۽ سوفر نعماتيءَ وڃي ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کين فرمايو ۽ خداوند ايوب جي دعا قبول ڪئي.


خداوند جو ايوب کي بحال ڪرڻ

10 پوءِ جڏهن ايوب پنهنجي دوستن لاءِ دعا گھري بس ڪئي تڏهن خداوند کيس ٻيهر خوشحال بڻايو. هن ايوب کي انهيءَ کان بہ ٻيڻو ڏنو جيڪي اڳ ڏنو هئائينس.

11 تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.

12 خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.

13 کيس ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون بہ ٿيون.

14 هن پهرين ڌيءَ جو نالو يميمہ، ٻيءَ جو قصياہ ۽ ٽينءَ جو قرن‌هپوڪ رکيو.

15 سڄيءَ دنيا ۾ ايوب جي ڌيئرن جهڙيون خوبصورت عورتون ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ ڪين ٿي آيون. سندن پيءُ پنهنجي ميراث مان سندن ڀائرن سان گڏ کين حصو ڏنو.

16 انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهن سالن تائين زندہ رهيو ۽ پنهنجا پٽ ڌيئرون ۽ انهن جو اولاد، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين.

17 پوءِ ايوب پوڙهو ٿي ويو ۽ وڏي عمر ماڻي وفات ڪيائين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan