ايوب 41 - Muslim Sindhi Bibleسامونڊي بلا هڪ خوفناڪ مخلوق 1 ”ڇا تون سامونڊي بلا کي ڪنڍيءَ سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگھين ٿو؟ يا ڇا تون ان جي زبان کي رسيءَ سان ٻڌي ٿو سگھين؟ 2-3 ڇا تون ان جي نڪ ۾ رسو وجھي ٿو سگھين، جو هو تو کي گھڻيون منٿون ميڙون ڪري تہ ’مون کي ڇڏي ڏي؟‘ يا ڇا ان جي ڄاڙيءَ ۾ آر سان سوراخ ڪري ٿو سگھين، جو هو تو کي رحم لاءِ ليلائي؟ 4 پوءِ ڇا هو تو سان عهد اقرار ڪندو جو تون ان کي زندگيءَ ڀر پاڻ وٽ ٻانهو ڪري رکين؟ 5 ڇا تون ان کي ڌاريل پکيءَ وانگر ٻڌي ساڻس راند ڪندين؟ ڇا پنهنجي ٻانهين جي وندر لاءِ کيس ٻڌي ويهاريندين؟ 6 ڇا تون مهاڻن سان انهيءَ جو واپار ڪري ٿو سگھين؟ ڇا واپاري انهيءَ کي وڍي ٽُڪي وڪرو ڪري ٿا سگھن؟ 7 ڇا تون ان جي کل کي مڇي مارڻ واري ڪنڍيءَ سان، يا ان جي مٿي کي نيزن سان چچري سگھين ٿو؟ 8 جيڪڏهن تون انهيءَ کي هٿ لائيندين تہ تو کان ويڙهہ ڪڏهن بہ ڪين وسرندي، ۽ وري اڳتي تون ائين ڪين ڪندين. 9 ياد رک، ان جي شڪار جي اميد اجائي آهي، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڏسڻ شرط ماڻهو ڦهڪو ڪري ڪري پوندو. 10 اهڙو جرئت وارو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو ان سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگھي، هائو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ان جي آڏو بيهي سگھي. 11 اهڙو ڪير آهي جيڪو ان تي حملو ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگھي؟ بيشڪ سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي. 12 هاڻي آءٌ تو کي نہ رڳو سامونڊي بلا جي عضون بابت ٻڌائيندس، بلڪ سندس گھڻي طاقت ۽ ڊولائتي بدن بابت بہ ٻڌائيندس. 13 ڪير ان جي زرهہ جهڙيءَ کل کي چچري ٿو سگھي؟ هائو، ڪير سندس ان ٻاهرينءَ پوشاڪ کي لاهي ٿو سگھي؟ 14 ان جون ڄاڙيون بيشمار دهشتناڪ ڏندن سان ڀريل آهن، اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو انهن ڄاڙين کي کولي سگھي. 15 ان جي پٺيءَ تي مضبوط ڇلڙ ڄڻ تہ ان جون ڍالون آهن، اهي ڇلڙ پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳتيل ۽ پٿر جهڙا سخت آهن. 16 هائو، اهي هڪٻئي ۾ اهڙا تہ ڳتيل آهن جو انهن جي وچان هوا بہ نہ ٿي لنگھي سگھي. 17 اهي ڇلڙ هڪٻئي سان اهڙا تہ مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهن جو انهن کي ڌار ڪري نہ ٿو سگھجي. 18 ان جي نڇ ڏيڻ سان روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿو نڪري، ۽ ان جي اکين مان ٻرندڙ باهہ جيان اُلا ٿا نڪرن. 19 ان جي وات مان ڀڙڪندڙ شعلا ۽ باهہ جون چڻنگون اڏامي ٿيون نڪرن. 20 ان جي ناسن مان دونهون ائين ٿو نڪري، جيئن ٽهڪندڙ ديڳ منجھان تيزيءَ سان ٻاڦ نڪرندي آهي. 21 ان جي ساهہ کڻڻ جي عمل سان ڪوئلن ۾ باهہ ڀڙڪيو پوي، ڇاڪاڻ تہ ان جي وات مان شعلا ٿا نڪرن. 22 ان جي ڪنڌ ۾ ايتري تہ طاقت ٿي رهي جو سندس سامهون ايندڙ ماڻهو ان کي ڏسي دهشت وچان ڦهڪو ڏيئي ٿو ڪِري. 23 ان جي بدن جو ماس اهڙو تہ مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهي جو ان جو نرم حصو بہ لوهہ جهڙو سخت آهي. 24 ان جو سينو اهڙو تہ مضبوط آهي جهڙو پٿر، هائو، اهو اهڙو مضبوط آهي جهڙو جنڊ جو هيٺيون پُڙ. 25 جڏهن هو اُٿي کڙو ٿو ٿئي تڏهن زورآور ماڻهو بہ ڊڄيو وڃن، ۽ ان جي هلڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي خوف وچان پٺ ڏيئي وٺيو ڀڄن. 26 جيڪڏهن ڪو ان کي تلوار، نيزو، تير يا بڻڇي هڻي ڪڍي، تہ انهن جو بہ مٿس ڪو اثر ڪونہ ٿو پوي. 27 ان جي آڏو لوهہ جا هٿيار ڪک ڪاني مثل خسيس، ۽ پتل جا هٿيار ڳريل سڙيل ڪاٺيءَ جيان ڪمزور آهن. 28 کانڀاڻيءَ سان اڇلائي هنيل پٿر ان لاءِ ڪک جيان آهي، بلڪ اهڙو ڪو تير ئي ڪونهي جيڪو ان کي ڀڄائي ڪڍي. 29 لٺيون ان لاءِ ڪک ڪاني مثل آهن، ۽ بڻڇيءَ جي سرڙاٽ تي هو کلي ٿو. 30 ان جي بدن جا هيٺيان حصا نوڪدار ٺڪرن جهڙا آهن، هو گپ ۾ هلندي ڄڻ تہ نوڪدار ليٽڻ گھمائي ڇڏي ٿو. 31 هو سمنڊ کي ائين ٿو ولوڙي جيئن ڪا ٽهڪندڙ ديڳ هجي، هو انهيءَ جي پاڻيءَ کي ملم جهڙو ٿو ڪري ڇڏي. 32 هو پنهنجي پٺيان پاڻيءَ ۾ گج واري هڪ لڪير ڇڏيندو وڃي ٿو، تڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ پاڻيءَ تي چمڪندڙ رستو ٺهي ويو آهي. 33 ڌرتيءَ تي انهيءَ جهڙو ٻيو مثال ڪونهي، جنهن کي اهڙو بيخوف ڪري پيدا ڪيو ويو هجي. 34 هر اوچي شيءِ کي هو حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو، ۽ سڀني کان مغرور جانور بہ ان کان خوف کائين ٿا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society