ايوب 4 - Muslim Sindhi Bibleاليفز جو پهريون گفتگو ( 4:1–5:27 ) اليفز جو ايوب کي تاڪيد ڪرڻ 1 تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ 2 ”اي ايوب! جيڪڏهن تو کي ڪا ڳالهہ چئجي تہ ٿي سگھي ٿو تو کي رنج پهچي، پر چوڻ کان سواءِ رهي بہ تہ نہ ٿو سگھجي. 3 ڏس، تو گھڻن ئي کي تعليم ڏني آهي، گھڻن ئي هيڻن جي همراهي ڪئي اٿيئي. 4 تنهنجي ڳالهين تہ ڪرندڙن کي بہ سنڀالي ورتو آهي، هائو، ٿڙي ويندڙ قدمن کي بہ تو قائم رکيو آهي. 5 پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين! 6 تو کي پنهنجي رستن جي سچائيءَ ۾ اميد ناهي ڇا؟ تو کي پنهنجي پرهيزگاريءَ تي ڪو ڀروسو ناهي ڇا؟ 7 سوچي ڏس تہ بيگناهہ بہ ڪڏهن ناس ٿيو آهي ڇا؟ يا سچار بہ ڪڏهن برباد ڪيو ويو آهي ڇا؟ 8 بلڪ مون تہ ڏٺو آهي تہ جيڪي بدڪاريءَ جو هر ٿا ڪاهين، ۽ ايذائڻ جو ٻج ٿا پوکين، سي لڻن بہ بدڪاري ۽ ايذاءُ ئي ٿا. 9 اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن. 10 جيتوڻيڪ اهي ببر شينهن وانگر گجگوڙ ۽ گجڪار ٿا ڪن، مگر خدا انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي ٿو، هائو، هو انهن جا ڏند ڀڃي کين بيوس بڻائي ٿو ڇڏي. 11 اهي انهن شينهن وانگر آهن، جيڪي شڪار نہ ملڻ ڪري مري وڃن ٿا، ۽ انهن جا ٻچا ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن ٿا.“ اليفز کي ٻڌايل راز 12 ”ڏس، مون کي راز جي هڪڙي ڳالهہ ايترو تہ هوريان ٻڌائي ويئي، جو آءٌ مشڪل سان ئي اها ٻڌي سگھيس. 13 هي رات جي انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آءٌ خوابن ۾ گم هئس، هائو، ان وقت جڏهن ماڻهن تي گَهري ننڊ غالب ٿئي ٿي. 14 تڏهن مون کي اهڙي تہ ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جو منهنجي لڱن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي. 15 پوءِ منهنجي منهن کي هوا جو هڪ جھوٽو ڇهي لنگھي ويو، تڏهن ڊپ وچان منهنجي بدن جا وار بہ اُڀا ٿي ويا. 16 بس اها هڪڙي شڪل هئي، جيڪا منهنجي اکين اڳيان ٿي بيٺي، مگر آءٌ انهيءَ کي چٽيءَ طرح ڏسي ڪين ٿي سگھيس، تڏهن خاموشيءَ ۾ مون کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيو تہ 17 ’ڇا ڪو فاني انسان خدا آڏو سچار ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ماڻهو خدا آڏو پاڪ ٿي سگھي ٿو؟ 18 ڏس، جيڪڏهن هو پنهنجي آسماني ٻانهن تي بہ ڀروسو ڪين ٿو رکي، هائو، پنهنجي فرشتن کي بہ جيڪڏهن هو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو، 19 تہ پوءِ انسان، جيڪي ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهن، ۽ جن جو بنياد ئي مٽي آهي، ۽ جيڪي پوپٽ وانگر چپجيو ٿا وڃن، سي ان جي نظر ۾ ڇا هوندا؟ 20 هو صبح جو تہ آهن پر شام ٿيڻ تائين اهي مريو وڃن، هائو، هميشہ هميشہ لاءِ اهي چٽ ٿي وڃن ٿا، ڪوبہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي. 21 سندن زندگيءَ جي تنبوءَ جا رسا پٽي ڪڍيا وڃن ٿا، ۽ ڏاهپ سکڻ کان اڳ ئي اهي مري کپي ٿا وڃن.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society