ايوب 39 - Muslim Sindhi Bible1 ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ پهاڙي ٻڪريون ڪهڙيءَ موسم ۾ ڦر ڄڻين ٿيون؟ يا ڇا تو هرڻين کي ٻچا ڄڻيندي ڏٺو آهي؟ 2 ڇا تو انهن جانورن جي حمل جا مهينا ڳڻيا آهن؟ يا ڇا تو کي اهو وقت معلوم آهي جڏهن اهي ويامن ٿيون؟ 3 ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ اهي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڪڏهن جھڪن ٿيون؟ ۽ ڪڏهن پنهنجا ٻچا ڄڻي پنهنجن سورن کان آجيون ٿين ٿيون؟ 4 انهن جا ٻچا وڏا ٿين ٿا ۽ کُليل ميدان ۾ وڌي طاقتور ٿين ٿا، پوءِ هو نڪري پري وڃن ٿا ۽ وٽن موٽي ڪين ٿا اچن. 5 جھنگلي گڏهن کي ڪنهن آزاد ڇڏي ڏنو آهي؟ هائو، ڪنهن انهن جا رسا ڇوڙي ڇڏيا آهن؟ 6 مون ئي تہ بيابان کي انهن جو گھر بڻايو آهي، ۽ کاري زمين کي انهن جي جُوءِ بڻايو اٿم. 7 شهرن جي گوڙ شور کان اهي پري رهن ٿا، ۽ هڪلڻ واري جون هڪلون ڪونہ ٿا ٻڌن. 8 جبلن جي قطار انهن جي چاري جي جاءِ آهي، جتي اهي ساوڪ جي ڳولا ۾ رهن ٿا. 9 ڇا جھنگلي سانُهہ تنهنجي تابعداري ڪرڻ تي تيار رهندو؟ ڇا هو تنهنجي ڍورن جي ڪونر وٽ اچي رات رهندو؟ 10 ڇا تون ڪنهن جھنگلي سانَهہ کي رسيءَ سان ٻڌي هر ۾ جوٽي ٿو سگھين؟ ڇا هو تنهنجي پٺيان هلندي، تنهنجي ٻنين کي سنوارڻ لاءِ ليٽڻ گھمائيندو؟ 11 ڇا تون هن جي گھڻي طاقت جي ڪري مٿس ڀاڙي ويهندين، ۽ پنهنجا ڳرا ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيندين؟ 12 ڇا تون هن تي اعتبار ڪري ٿو سگھين تہ هو تنهنجو اناج گھر کڻي ايندو؟ ڇا تو کي يقين آهي تہ هو تنهنجي ٻنيءَ جو فصل ميڙي ڳاهہ جي پِڙ تي گڏ ڪندو؟“ شترمرغ، گھوڙي ۽ باز تي ويچار ڪر 13 ”شترمرغ جا پر خوشيءَ وچان ڦڙڪن ٿا، پر انهن جي ڀيٽ لقلق جي پرن ۽ کنڀن سان ڪري نہ ٿي سگھجي. 14 شترمرغ پنهنجا آنا زمين تي ڇڏي ٿو ڏئي، جتي واري انهن کي گرمي ٿي پهچائي. 15 هو انهيءَ ڳالهہ کان بيخبر آهي تہ متان ڪو پير انهن کي چيڀاٽي ڇڏي، يا ڪو جھنگلي جانور انهن کي لتاڙي وڃي. 16 هو پنهنجي ٻچن تي ايتري تہ سختي ٿو ڪري، جو ڄڻ تہ اهي سندس نہ آهن. جيتوڻيڪ ان جو ٻارن ڄڻڻ جو عمل ضايع وڃي، تہ بہ کيس فڪر ڪونہ ٿو ٿئي، 17 ڇاڪاڻ تہ مون خدا ان کي عقل کان محروم ڪيو آهي، ۽ کيس ڪابہ سمجھہ نہ ڏني اٿم. 18 پر جنهن وقت هو پنهنجا پر بلند ڪري تيز ڊوڙي ٿو، تڏهن گھوڙي ۽ ان جي سوار تي ٽوڪ طور کلي ٿو. 19 اي ايوب! ڇا گھوڙي کي طاقت تو ڏني آهي؟ ڇا ان جي ڪنڌ کي لهرائيندڙ بُشڪن سان تو پهرايو آهي؟ 20 ڇا ان کي تڏ وانگر ٽپ ڏيڻ تو سيکاريو آهي؟ ان جي خوفناڪ ڦوڪار ڪيڏي نہ رُعبدار آهي. 21 هو ماٿريءَ ۾ جنگ جي وقت ڌرتيءَ تي زور سان سنب هڻي هڻڪار ڪندي هٿياربردار دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ پوري جوش سان ڌوڪي وڃي ٿو. 22 هو تلوار کان منهن ڪين ٿو موڙي، هائو، هو خوف بلڪل نہ ٿو ڪري، نڪي گھٻرائي ٿو، 23 توڙي جو ترڪش جا تير سندس مٿان کڙڪندا ۽ نيزا ۽ بڙڇيون پڻ هن جي مٿان چمڪنديون وڃن ٿيون. 24-25 هن کي جنگ جي ۽ جنگي سالارن جي هڪل، ۽ نعرن جي پري کان بوءِ اچي ٿي، سو نفيل جي آواز ٻڌڻ سان هو هڻڪار ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن کيس ڪوبہ روڪي نٿو سگھي، بلڪ هو ائين ٿو ڊوڙي جو تيزيءَ ۽ جوش منجھان زمين کي اورانگھيندو ٿو وڃي. 26 ڇا باز تنهنجي ڏاهپ سان اڏامڻ سکيو آهي، جو هو پنهنجا پر ڏکڻ جي تيز هوا ڏانهن پکيڙي اڏامي ٿو؟ 27 ڇا عقاب تنهنجي حڪم سان بلنديءَ تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿاهينءَ جاءِ تي وڃي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو؟ 28 هو ٽڪر تي رهي ٿو ۽ ٽڪر جي چوٽيءَ تي مضبوط ڳڙهہ ئي سندس رهڻ جي جاءِ آهي. 29 اتان ئي هو پنهنجي شڪار کي تاڙي وٺي ٿو، سندس اکيون انهيءَ کي پري کان ڏسي وٺن ٿيون. 30 جڏهن تہ ڳِجھہ هڪدم لاشن واري جاءِ تي پهچي وڃي ٿي، ۽ سندس ٻچا بہ رت چوسين ٿا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society