Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 36 - Muslim Sindhi Bible


خدا کي عادل ثابت ڪرڻ لاءِ اليهوءَ جا دليل

1 اليهوءَ وڌيڪ هي چيو تہ

2 ”ٿوري دير وڌيڪ صبر ڪري ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو، جو مون کي اڃا بہ خدا جي پاران ڪي ڪجھہ چوڻو آهي.

3 منهنجو علم وسيع آهي، سو آءٌ پنهنجي ڄاڻ جي وسيلي پنهنجي خالق کي عادل ثابت ڪندس.

4 اها حقيقت آهي تہ منهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ بلڪل نہ آهي، آءٌ، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان ٿو سو ڪامل علم رکان ٿو.

5 ياد رک، خدا قادر آهي، تنهن هوندي بہ هو ڪنهن کي حقير نہ ٿو ڄاڻي، ڇو تہ هو سمجھہ جي وڏي سگھہ رکندڙ آهي.

6 بدڪارن کي هو جيئرو رهڻ نہ ٿو ڏئي، پر ڏکويلن کي سندن حق ڏئي ٿو.

7 سچارن تان هو پنهنجي مهر جي نظر نہ ٿو هٽائي، بلڪ انهن کي بادشاهن وانگر هميشہ لاءِ تخت تي ويهاري ٿو، اهڙيءَ طرح هو کين سرفراز ڪري ٿو.

8 پر جيڪڏهن اهي زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ پنهنجي عملن جي ڪري مصيبت ۾ ڦاسن ٿا،

9 تہ خدا کين انهيءَ رستي سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جيڪي هنن پنهنجي مغروريءَ ۾ ڪيا آهن.

10 هو انهن جي سڌاري لاءِ سندن ڪن کولي ٿو، ۽ کين هدايت ٿو ڪري تہ هو بدڪاريءَ کان مڙي وڃن.

11 پوءِ جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس تابعداري ڪندا، تہ اهي امن ۽ خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندا.

12 پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ماريا ويندا، ۽ خدا جي نافرمانيءَ واري بي‌وقوفيءَ جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃي ڪرندا.

13 ان کان علاوہ جيڪي خدا کي رد ڪندڙ آهن، سي پنهنجي غصي کي قائم رکندا ٿا اچن، ايتري قدر جو جڏهن خدا کين سزا ٿو ڏئي، تڏهن بہ اهي کيس مدد لاءِ نہ ٿا پڪارين.

14 بيشڪ اهي جوانيءَ ۾ ئي مري وڃن ٿا، ۽ سندن حياتي شرم ۾ ٻڏندي ختم ٿي وڃي ٿي.

15 پر خدا مصيبت ۾ ڦاٿلن کي انهيءَ مصيبت جي ذريعي صحيح رستي تي آڻي ٿو، هائو، هو مشڪلاتن جي ذريعي سندن اکيون کولي ٿو.“


اليهوءَ جو ايوب جي سزا کي جائز سڏڻ

16 ”اهڙيءَ طرح خدا تو کي بہ مصيبت مان ڪڍي اهڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ پهچائي ها، جتي تنگي بلڪل نہ آهي. هو تنهنجي دسترخوان کي عمدن طعامن سان ڀري ڇڏي ها.

17 پر هاڻي تون شرير ماڻهن وانگر پوري سزا ڀوڳي رهيو آهين، انهيءَ ڪري جو خدا جي عدالت ۽ انصاف تو کي اچي پڪڙيو آهي.

18 سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.

19 ڇا تنهنجو روئڻ تو کي مصيبت مان ڇڏائي ٿو سگھي؟ يا تون پنهنجي ڀرپور طاقت، ۽ ڪوشش سان پاڻ کي بچائي ٿو سگھين؟

20 انهيءَ موت واري رات جي خواهش بہ نہ ڪر، جنهن رات ۾ قومن جون قومون بہ پنهنجي جاءِ تان مٽجيو وڃن.

21 خبردار، هاڻي بدڪاريءَ جي ويجھو نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي ڪري ئي تون تباهيءَ جي راهہ تي لڳو آهين.

22 ياد رک، خدا پنهنجي قدرت جي ڪري سڀني کان عظيم آهي. ڇا اسان کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ جهڙو عظيم استاد ڪو ٻيو آهي؟

23 ڪير آهي جيڪو خدا کي سيکاري سگھي تہ کيس ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ يا ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ’تو بي‌انصافي ڪئي آهي؟‘

24 ياد رک، تو کي بہ انهيءَ جي ڪمن جي واکاڻ ڪرڻ گھرجي، جنهن جي واکاڻ ماڻهو هميشہ ڳائيندا رهيا آهن.

25 هر ڪو ماڻهو سندس ڪمن کي تہ ڏسي ٿو، پر اهي گھڻو پري کان مٿن نظر ڪن ٿا.“


اليهوءَ جو خدا جي عظمت بيان ڪرڻ

26 ”ڏس، خدا عظيم آهي، اسين سندس عظمت کي پوريءَ طرح نہ ٿا ڄاڻي سگھون. اسين نہ ٿا ٻڌائي سگھون تہ هو ڪيترن سالن کان آهي.

27 هو ئي آهي، جيڪو پاڻيءَ کي بخارن جي صورت ۾ زمين تان ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهو پاڻي وري مينهن جي صورت ۾ هيٺ ٽمڻ لڳي ٿو.

28 هائو، خدا ڪڪرن مان مينهن کي پلٽي ٿو، ۽ پوري انسانذات مٿان انهيءَ جو جھجھو ڦوهارو وسائي ٿو.

29-31 انهيءَ مينهن جي وسيلي هو ماڻهن جي پالنا ڪري ٿو، ۽ کين بي‌انداز خوراڪ عطا ڪري ٿو. ڇا ڪو انسان سمجھي سگھي ٿو تہ ڪڪر ڪيئن ٿا پکڙجن، ۽ سندس عرش مان ڪيئن ٿي گجگوڙ ٿئي؟ ڏس، هو پوري آسمان کي وڄ جي روشنيءَ سان چمڪائي ٿو، پر هو سمنڊ جي اونهاين کي اونداهو رکي ٿو.

32 هو وڄ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ کيس حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي پنهنجي نشان کي لڳي.

33 گجگوڙ طوفان جي اچڻ جو اعلان ٿي ڪري، ۽ چوپايو مال بہ انهيءَ جي اچڻ جي خبر ڏئي ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan