Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 34 - Muslim Sindhi Bible


اليهوءَ جا وڌيڪ دليل

1 اليهوءَ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ

2 ”اي عقلمند سڏائيندڙؤ! منهنجيون ڳالهيون ٻڌو، هائو، اي عالم سڏائيندڙؤ! مون ڏانهن ڪن ڏيو.

3 ڪَنُ تہ صحيح ۽ غلط ڳالهہ کي پرکي ٿو وٺي، جيئن زبان کاڌي کي چکڻ سان ان جو ذائقو ٿي معلوم ڪري.

4 سو اسان کي گھرجي تہ جيڪي درست هجي تنهن جي چونڊ ڪريون. هائو، اچو تہ گڏجي معلوم ڪريون تہ حقيقت ڇا آهي.

5 ڳالهہ هيءَ آهي جو ايوب چوي ٿو تہ ’آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا مون سان انصاف نہ ٿو ڪري،

6 جيتوڻيڪ آءٌ حق تي آهيان، تڏهن بہ ڪوڙو ليکيو وڃان ٿو. جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور آهيان، تڏهن بہ مون کي موتمار زخم ڏنا ويا آهن.‘

7 پر هاڻي اوهين ئي ٻڌايو تہ ايوب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هو خدا جي بي‌ادبي اهڙي تہ آسانيءَ سان ٿو ڪري، ڄڻ پاڻي ٿو پيئي.

8 هو بدڪارن جي سنگت ۾ اٿندو ويهندو آهي، ۽ گنهگار ماڻهن سان گھمندو ڦرندو آهي.

9 تنهنڪري ئي هو چوي ٿو تہ ’پاڻ کي خدا وٽ مقبول بڻائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.‘“


اليهوءَ جو خدا کي حقيقي منصف سڏڻ

10 ”پر اي سياڻا سڏائيندڙؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا قادرِمطلق خدا کان ڪو برائيءَ يا بي‌انصافيءَ جهڙو ڪم ٿي سگھي ٿو؟

11 هرگز نہ، خدا تہ انسان کي سندس عملن مطابق اجر ڏئي ٿو. هو هر ڪنهن سان اهڙي ئي هلت هلي ٿو، جيڪو جنهن هلت جي لائق آهي.

12 يقيناً خدا ڪنهن سان بہ بدي ڪين ٿو ڪري، نڪي قادرِمطلق ڪنهن سان بي‌انصافي ٿو ڪري.

13 ڀلا ڌرتيءَ جي اختياري ۽ پوريءَ دنيا جو انتظام خدا کي ڪنهن ٻئي ڏنو آهي ڇا، جو هو ان کي پرائي ملڪيت سمجھي بي‌انصافي ڪندو؟

14 نہ، بلڪ جيڪڏهن هو انسان کان رڳو کيس ڏنل ساهہ واپس وٺي، ۽ سندس دم ئي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي،

15 تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هر جسم فنا ٿي وڃي، ۽ انسان سان گڏ پوري دنيا موٽي وڃي مٽيءَ ۾ ملي.

16 هاڻي اي ايوب! جيڪڏهن تو کي ڪا سمجھہ آهي تہ ٻڌ، منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏي.

17 ڇا انصاف کان نفرت رکندڙ ڪو حڪمراني ڪري ٿو سگھي؟ تہ پوءِ تو کي ڪهڙي طاقت آهي جو تون عادل ۽ قادر خدا تي الزام هڻين.

18 بلڪ اهو خدا ئي تہ آهي جيڪو بادشاهن ۽ حڪمرانن کي بہ ملامت ٿو ڪري، جڏهن اهي نالائق ۽ بدڪار ٿا ٿين.

19 هو حڪمرانن جي طرفداري نہ ٿو ڪري، نہ ئي دولتمند کي غريب کان وڌيڪ مان ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو سندس ئي هٿن جي ڪاريگري آهي.

20 بلڪ جڏهن هو موت ٿو آڻڻ چاهي تہ اڌ رات جي وقت اوچتو ئي مٿن آڻي ٿو ڪڙڪائي، تڏهن هر ڪو ڏڪندي ڏڪندي مريو وڃي، توڙي اهي طاقتور ماڻهو ڇو نہ هجن، اهي بہ بنا هٿ لڳائڻ جي دنيا مان کڄيو وڃن.

21 خدا جون اکيون انسان جي عملن تي لڳل آهن، هو ان جي هر قدم کي ڏسي ٿو.

22 اهڙي ڪابہ اونداهي يا ڪوبہ پاڇو ڪونهي، جتي بدڪار ماڻهو پاڻ کي لڪائي سگھن.

23 خدا کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ئي ڪانهي، تہ هو انسان جي فيصلي لاءِ ڪنهن دنياوي عدالت وانگر کيس پنهنجي آڏو حاضر ٿيڻ واسطي ڪو خاص وقت مقرر ڪري.

24 هو بنا ڪنهن تفتيش ڪرڻ جي هر گناهہ کي ڄاڻي ٿو وٺي، سو طاقتور بدڪارن کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪريو ڇڏي، ۽ سندن جاءِ تي ٻين کي مقرر ڪريو ڇڏي.

25 جيئن تہ هو انهن جي افعالن کان واقف آهي، سو رات جي وقت سندن تختو اونڌو ڪري کين برباد ڪريو ڇڏي.

26 هو انهن کي ظاهر ظهور عام ماڻهن جي اڳيان سندن بديءَ جي سزا ڏئي ٿو.

27 انهيءَ سبب جو هنن کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ۽ سندس حڪمن جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪيائون.

28 ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.


اليهوءَ جو ايوب کي توبهہ‌تائب ٿيڻ لاءِ چوڻ

29 پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.

30 انهيءَ لاءِ تہ خدا کي رد ڪندڙ حڪومت نہ ڪن، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.

31 سو اي ايوب! تون پنهنجا گناهہ خدا آڏو ڇو نہ ٿو باسين؟ ڇو نہ ٿو واعدو ڪرين تہ وري گناهہ نہ ڪندين؟

32 ڇا تو خدا کي چيو آهي تہ هو تو کي تنهنجا عيب ڏيکاري؟ ڇا تو مڃيو آهي تہ ’آءٌ وري اهڙو ڏوهہ ڪين ڪندس؟‘

33 هڪ تہ تون خدا جي فيصلن تي راضي ناهين، ٻيو وري چاهين ٿو تہ خدا تنهنجي مرضيءَ تي هلي، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ هاڻي فيصلو تو کي ڪرڻو آهي، نہ مون کي، تنهنڪري جيڪا ڳالهہ تون صحيح ٿو سمجھين سا ٻڌاءِ.

34 سو سڀيئي سمجھہ وارا ۽ عقلمند ماڻهو منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي مڃيندا تہ

35 ’ايوب واقعي اڻ‌ڄاڻائيءَ مان ٿو ڳالهائي، ۽ جيڪي هو چوي ٿو تنهن ۾ ڪابہ ڏاهپ ڪانهي.‘

36 سو شل ايوب کي سندس ڪڍيل هر غلط لفظ جي سزا ڏني وڃي تہ چڱو، ڇاڪاڻ تہ هو شرير ماڻهن جهڙا جواب ڏئي ٿو.

37 هائو، هو خدا سان بغاوت ڪري پنهنجي گناهن کي اڃا وڌائيندو ٿو رهي. هو اسان جي اڳيان خدا بابت گستاخي ڪندي تاڙيون وڄائي ٿو، ۽ خدا جي خلاف گھڻيون ئي ڳالهيون ڪري ٿو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan