Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 33 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڪري اي ايوب! هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي.

2 ڏس، هاڻي آءٌ پنهنجو وات کوليان ٿو، منهنجا لفظ منهنجي زبان تي اچن ٿا.

3 آءٌ جيڪي بہ ڳالهائيندس سو سچيءَ دل سان ڳالهائيندس، آءٌ جيڪي بہ ڄاڻان ٿو سو منهنجا چپ خلوص سان ٻڌائيندا.

4 انهيءَ لاءِ جو خدا جي روح مون کي جوڙيو آهي، هائو، قادرِمطلق جي دم مون کي حياتي بخشي آهي.

5 جيڪي ڳالهيون آءٌ ڪرڻ وارو آهيان، تن جو جواب ڏيئي سگھين تہ ڏج، هائو، بلڪل پختو ٿي مون سان سلسليوار ڳالهيون ڪج.

6 ياد رک، خدا جي نظر ۾ تون ۽ آءٌ هڪجهڙا آهيون، اسين ٻئي مٽيءَ مان جوڙيا ويا آهيون.

7 سو تون مون کان ڪو خوف نہ ڪر، نڪي ائين سمجھہ تہ آءٌ تو تي ڪو دٻاءُ رکندس.“


ايوب کي ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ اليهوءَ جا دليل

8 ”بيشڪ تو جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، سي مون ٻڌيون آهن، تو چيو آهي تہ

9 ’آءٌ پاڪ ۽ گناهن کان آجو آهيان، آءٌ بي‌قصور آهيان، مون ۾ ڪابہ برائي ڪانهي،

10 تہ بہ خدا مون ۾ عيب ڳولي ٿو، ۽ مون سان پنهنجي دشمنن وارو سلوڪ ڪري ٿو.

11 هو منهنجيون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجھي. آءٌ جيڪو بہ قدم کڻان ٿو تنهن جي هو نگراني ٿو ڪري.‘

12 پر اي ايوب! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ انهن ڳالهين ۾ تون غلطيءَ تي آهين، ڇاڪاڻ تہ خدا انسان کان مٿاهون آهي.

13 تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟

14 ياد رک، خدا ڳالهائي ٿو، پر مختلف طريقن سان، مگر اسين انسان انهيءَ تي ڌيان ئي نہ ٿا ڏيون.

15 رات جو جڏهن انسان پنهنجي بستري تي گھاٽي ننڊ ۾ ستل هوندو آهي، تڏهن خدا خوابن ۽ رويائن جي صورت ۾ ساڻس ڳالهائي ٿو.

16 ان وقت هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ تنبيهہ ڪري کين ڊيڄاري ٿو،

17 انهيءَ لاءِ تہ هو ماڻهن کي سندن بد ارادي کان روڪي، ۽ انسانذات کي مغروريءَ کان پري رکي.

18 هو انهن جي روحن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان، ۽ سندن جانين کي قبر کان محفوظ رکي ٿو.

19 خدا انسان کي بيماريءَ جي بستري تي ڪيرائي بہ سيکت ڏئي ٿو، جڏهن هن جي هڏن ۾ گھڻي وقت تائين درد رهي ٿو.

20 جنهن ڪري هن جي جيءَ کي ماني نہ ٿي وڻي، ۽ سندس روح کي عمدو طعام بہ پسند نہ ٿو اچي.

21 هن جو ماس اهڙو ڳري ٿو وڃي جو اهو ڏسڻ ۾ بہ نہ ٿو اچي، ۽ سندس هڏا جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا سي نڪري ٻاهر ٿا بيهن.

22 تڏهن هن جي حياتي موت جي نزديڪ وڃي پهچي ٿي، هائو، سندس روح پاتال منجھہ ڪرڻ کي ويجھو ٿئي ٿو.

23 ان وقت بہ خدا پنهنجي هزارين فرشتن مان ڪو هڪڙو سندس مدد لاءِ موڪلي سگھي ٿو، جيڪو انسان کي صحيح راهہ بابت سمجھائي. هاڻي جيڪڏهن انسان سندس ڳالهہ مڃي ٿو

24 تہ پوءِ اهو فرشتو مٿس مهربان ٿي خدا کي عرض ڪري ٿو تہ ’خدايا! هن کي قبر ۾ وڃڻ کان بچاءِ، ڇو تہ سندس موت جو عيوضو ادا ٿي ويو آهي.‘

25 تڏهن هن جو بدن ٻار جي بدن کان بہ تازو توانو ٿي پوي ٿو، ۽ سندس جوانيءَ جا ڏينهن موٽي اچن ٿا.

26 پوءِ جڏهن هو خدا کان دعا گھري ٿو تہ اهو مٿس مهربان ٿئي ٿو. تڏهن هو خوشيءَ سان خدا جي بندگي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس موت تي فتح بخشي ٿو.

27 پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.

28 بلڪ هن منهنجي جان کي قبر ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، سو آءٌ هن روشن دنيا جو لطف وٺڻ لاءِ جيئرو رهندس.‘

29 ڏس، خدا انسان کي اهڙو موقعو بار بار ڏئي ٿو،

30 انهيءَ لاءِ تہ ان جي جان کي قبر کان موٽائي آڻي، ۽ کيس جيئرن جي روشن دنيا جي خوشين سان ڀري ڇڏي.

31 تنهنڪري اي ايوب! چڱيءَ طرح ڌيان ڏيئي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، هائو، خاموشيءَ سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ.

32 پر جيڪڏهن تو کي ڪجھہ چوڻو آهي تہ ڀلي هاڻي مون کي چئي ڏي. هائو، ڀلي ڳالهائي وٺ، آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي صفائي ٻڌندس.

33 پر جي نہ، تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ، ۽ ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ تو کي ڏاهپ سيکاريان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan