Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 32 - Muslim Sindhi Bible


اليهوءَ جو گفتگو ( 32‏:1‏–37‏:24 ) اليهوءَ جي ڪاوڙ

1 آخرڪار ايوب جي ٽنهين دوستن ساڻس بحث ڪرڻ کان بس ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ کي سچو ٿي سمجھيو.

2 تڏهن رام خاندان جي بوز گھراڻي جو اليهو ولد براڪيل پنهنجي ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ايوب پنهنجو پاڻ کي سچو ٿي قرار ڏنو ۽ خدا تي الزام ٿي هنيائين.

3 اليهوءَ جو غصو ايوب جي ٽنهين دوستن تي بہ ڀڙڪي اٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو ايوب کي غلط ثابت ڪري نہ سگھيا هئا ۽ ائين هنن خدا کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.

4 جيئن تہ اليهو انهن سڀني کان ننڍو هو، تنهنڪري هن تيستائين ايوب سان ڳالهائڻ جو انتظار ٿي ڪيو جيستائين هر ڪنهن ڳالهائي بس ڪئي.

5 پر جڏهن هن ڏٺو تہ اهي ٽيئي ايوب کي ڪا ورندي ڏيئي نہ سگھيا آهن، تڏهن کيس چڙ وٺي ويئي.


ڏاهپ عمر سان نہ پر خدا جي روح کان ملي ٿي

6 تڏهن اليهو ولد براڪيل بوزيءَ کين ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ عمر ۾ ننڍو آهيان ۽ اوهين تمام پيرسن آهيو، انهيءَ ڪري مون ماٺ ڪئي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي جرئت نہ ٿي ڪيم.

7 مون سوچيو تہ ’بزرگن کي ئي ڳالهائڻ گھرجي، ۽ وڏي عمر وارن کي ئي حڪمت سيکارڻ کپي.‘

8 پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.

9 اهو ضروري ناهي تہ وڏي عمر وارا ئي ڏاها هجن، يا پيرسن ماڻهو ئي حق سچ جي سمجھہ رکندا هجن.

10 تنهنڪري هاڻ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو سو آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس.

11 ڏسو، جيستائين اوهين ڳالهائيندا رهيا، تيستائين آءٌ خاموش رهيس، ۽ جيستائين اوهين پنهنجا دليل ڳولي پيش ڪندا رهيا، تيستائين مون ويٺي اهي ٻڌا.

12 هائو، منهنجو سڄو ڌيان اوهان ڏانهن هو. پر اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو نہ هو، جيڪو ايوب کي قائل ڪري سگھي، يا سندس ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھي.

13 پوءِ اوهين ڪيئن ٿا دعويٰ ڪريو تہ ’اسان کي ڏاهپ تہ مليل آهي، پر ايوب کي خدا ئي لاجواب ڪري سگھي ٿو، نڪي ڪو انسان.‘

14 جيئن تہ ايوب جون ڪيل ڳالهيون منهنجي خلاف نہ هيون، سو آءٌ اوهان جهڙين حجتن دليلن سان کيس ورندي ڪين ڏيندس.“


اليهوءَ جو ايوب سان ڳالهائڻ جو جوش

15 ”اي ايوب! تنهنجا ٽيئي دوست بي‌همت ٿي پيا آهن، ۽ تو کي وڌيڪ ڪو جواب ڏيئي نہ ٿا سگھن، وٽن چوڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.

16 آءٌ منتظر رهيس تہ هو وڌيڪ ڳالهائيندا، پر هو چپ چاپ ويٺا آهن ۽ ڪو جواب نہ ٿا ڏين.

17 سو هاڻي آءٌ جواب ڏيندس، آءٌ جيڪي ڄاڻان ٿو سو آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس.

18 منهنجي اندر ۾ کوڙ ڳالهيون ڀريل آهن، سو منهنجي دل مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ٿي ڪري.

19 ڏسو، جيڪڏهن مون کي ڳالهائڻ نہ ڏنوَ، تہ آءٌ منجھي منجھي انهيءَ سانداريءَ وانگر ڦاٽي پوندس، جيڪا نئين مئي سان ڀريل هجي.

20 آءٌ ضرور ڳالهائيندس، تہ جيئن مون تان بار هلڪو ٿئي، آءٌ ضرور پنهنجا چپ کوليندس ۽ ورندي ڏيندس.

21 آءٌ ڪنهن بہ انسان جو لحاظ نہ ڪندس، نڪي ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشامند ئي ڪندس.

22 آءٌ خوشامند ڪرڻ ڄاڻان ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها تہ منهنجو خالق مون کي سگھو کڻي وٺي ها.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan