ايوب 31 - Muslim Sindhi Bibleايوب جي بيڏوهي هجڻ جي دعويٰ 1 ”مون قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن، بلڪ ڪنهن بہ عورت ڏانهن بريءَ نظر سان ڪڏهن نہ ڏسندس. 2 تہ پوءِ عرش واري خدا کان ان جو ڪهڙو صلو ملڻ گھرجي؟ ڇا قادرِمطلق طرفان ان لاءِ ڪو چڱو اجر نہ ملڻ گھرجي؟ 3 هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ جيڪي بہ بدڪار آهن، خدا رڳو تن تي ئي مصيبت ۽ تباهي ٿو موڪلي، 4 تہ پوءِ مون جيڪي بہ ڪيو آهي، تنهن کي خدا ڇو نہ ٿو ڏسي؟ هائو، نيڪيءَ ڏانهن منهنجي کنيل هر قدم کي هو ڇو نہ ٿو ڳڻي؟ 5 مون ڪڏهن بہ بدڪاري نہ ڪئي آهي، نڪي ڪنهن کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. 6 ڀلي تہ خدا مون کي انصاف واري تارازيءَ ۾ توري، تانتہ منهنجي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺي. 7 جيڪڏهن منهنجو قدم صحيح رستي کان ٿڙي ويو هجي، يا منهنجيءَ دل منهنجي اکين جي خواهش جي پيروي ڪئي هجي، يا گناهہ جو ڪو داغ منهنجي هٿن کي لڳو هجي، 8 تہ پوءِ منهنجو پوکيل فصل ڀلي ٻيا کائي وڃن، يا منهنجي ٻنيءَ جي پيداوار پاڙؤن پٽي وڃي. 9 جيڪڏهن مون ڪنهن ٻئي جي زال جي خواهش بہ ڪئي هجي، ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ پاڙيسريءَ جي در کي تاڙي ويٺو هجان، 10 تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي حوالي ڪئي وڃي، ۽ ڌاريا مرد ساڻس سمهن. 11 جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها، تہ هڪ وڏو گناهہ ڪريان ها، هائو، اهڙو گناهہ جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها. 12 بيشڪ، زناخوري هڪڙي اهڙي باهہ آهي، جيڪا ساڙي چٽ ڪيو ڇڏي، اها منهنجي هر شيءِ کي جيڪر پاڙؤن ناس ڪري ڇڏي ها. 13 جڏهن منهنجي ڪنهن ٻانهي يا ٻانهيءَ مون سان منهنجي شڪايت ٿي ڪئي، تڏهن بہ مون سندن حق نہ ماريو. 14 جيڪڏهن ائين ڪريان ها تہ خدا جڏهن مون کان پڇي ها، تہ آءٌ کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها! 15 جنهن خدا مون کي پيدا ڪيو آهي، تنهن ئي منهنجي ٻانَهن کي بہ پيدا ڪيو آهي. 16 مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رننزالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم. 17 پنهنجو ٽُڪر مون اڪيلو پاڻ ڪين کاڌو آهي، جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ ڪو يتيم بک تي آهي. 18 جڏهن تہ پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مون يتيمن کي هڪ پيءُ وانگر پالي وڏو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي ڄائيڄم کان وٺي رننزالن جي رهبري ڪندو رهيو آهيان. 19 جڏهن بہ مون ڪنهن انگ اُگھاڙي کي مرڻينگ ڏٺو آهي، يا ڪنهن غريب کي ڪپڙن جو حاجتمند ڏٺو اٿم، 20 تڏهن مون کين پنهنجي ڌڻ جي رڍن جي اُن مان ٺهيل گرم ڪپڙا پهرايا آهن. تنهن تي هنن مون کي هميشہ دل سان دعا ڪئي آهي. 21 مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي. 22 پر جيڪڏهن آءٌ انهن مان ڪجھہ بہ ڪريان ها تہ پوءِ ڀلي تہ منهنجيون ٻانهون ڀڄي پون، هائو، ڀلي اهي منهنجي ڪلهن کان ٽٽي پون. 23 جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“ ايوب جي پنهنجي دلي پاڪيزگيءَ بابت دعويٰ 24 ”مون سون کي ڪڏهن بہ پنهنجو آسرو نہ بڻايو آهي، نڪي ائين چيو اٿم تہ انهيءَ سون تي منهنجو ڀروسو آهي. 25 مون ڪڏهن بہ فخر نہ ڪيو آهي تہ مون کي گھڻي دولت آهي، ۽ منهنجي هٿن گھڻو ڪجھہ حاصل ڪيو آهي. 26 مون سج کي چمڪندو ڏسي، يا چنڊ کي آبتاب ۾ هلندو ڏسي ڪڏهن بہ انهن جي پوڄا نہ ڪئي آهي. 27 منهنجي دل ڳجھہڳوهہ ۾ انهن ڏانهن ڪين ڀٽڪي ويئي آهي، نڪي مون پنهنجي هٿ کي چمندي انهن کي ڪا تعظيم ڏني آهي. 28 جيڪڏهن آءٌ انهن مان ڪجھہ بہ ڪريان ها، تہ منهنجو اهو ڪم خدا سان بيوفائي ليکيو وڃي ها، هائو، اهو اهڙو گناهہ آهي، جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها. 29 ڇا آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيو آهيان؟ يا جڏهن مٿس ڪا آفت آئي تہ ڇا مون کي ڪا خوشي ٿي؟ 30 بلڪ مون تہ پنهنجي زبان کي ايترو گناهہ بہ نہ ڪرڻ ڏنو جو دشمن کي مرڻ جو پاراتو ڏيان. 31 جيڪي بہ مون سان گڏ رهن ٿا، ڇا تن شاهدي نہ ڏني آهي تہ منهنجي دسترخوان تان ڪوبہ مهمان گوشت سان ڍءُ ڪرڻ کان سواءِ نہ ويو آهي؟ 32 مون هر مسافر کي دعوت ڏيئي پنهنجي گھر ۾ رهايو آهي، ڪنهن بہ پرديسيءَ کي گھٽيءَ ۾ سمهڻ نہ ڏنو اٿم. 33 ڇا مون ڪڏهن پنهنجو ڪو گناهہ لڪايو آهي، جيئن انسان بڇڙائيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڪندا آهن؟ 34 ماڻهن جي خوف ۽ خاندان وارن جي ڪراهت جي ڪري، آءٌ گھر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ خاموش رهڻ تي مجبور ڪين ٿيس.“ ايوب جو آخري فرياد 35 ”ڇا منهنجو فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ئي بہ ڪونهي؟ ڏسو، آءٌ پنهنجي بيان تي صحيح ڪري اهو ٿو ڏيکاريان تہ مون جيڪي ڪجھہ چيو سو سڀ سچ آهي. ڪاش! قادرِمطلق مون کي ورندي ڏئي ها. ڪاش! منهنجي انهيءَ مخالف جون مون تي لڳايل تهمتون لکت ۾ مون وٽ هجن ها، 36 تہ جيڪر يقيناً آءٌ اهي فخر سان پنهنجي ڪلهي تي کنيو وتان ها. هائو، انهن کي آءٌ تاج وانگر پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيان ها. 37 آءٌ جيڪر اوچي ڳاٽ خدا جي آڏو بيهي، کيس پنهنجي هر ڪيل ڪم بابت جواب ڏيان ها. 38 جيڪڏهن منهنجي زمين منهنجي خلاف دانهن ڏني آهي، ۽ انهيءَ جون کيڙون گڏجي منهنجي بيانصافيءَ تي رنيون آهن، 39 جيڪڏهن مون انهيءَ زمين جو ڪو فصل ڦري کنيو هجي، يا انهيءَ جي ڪڙميءَ کي مون بک ماريو هجي، 40 تہ پوءِ ڀلي انهيءَ ۾ ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جَون جي بدران ڪک ڪانا ٿين.“ ائين چئي ايوب پنهنجو ڳالهائڻ ختم ڪيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society