ايوب 30 - Muslim Sindhi Bibleايوب جي بدڪردار ماڻهن بابت شڪايت 1 ”پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي بہ مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي آءٌ پنهنجي ڌڻ جي محافظ ڪتن سان گڏ ويهڻ بہ گوارا نہ ڪندو هئس. 2 اهڙن ماڻهن مان مون کي ڪهڙو فائدو ٿي رسي سگھيو؟ جڏهن تہ اهي ٿڪي ٽٽي ڪمزور ٿي ويا هئا. 3 محتاجيءَ ۽ بک کين ڏٻرو ڪري ڇڏيو هو. هو رات جو رڻپٽ ۽ ويرانيءَ ۾ سڪل پاڙون کائڻ لاءِ ڀٽڪندا وتندا هئا. 4 هو ٻوڙن جي وچان لوڻڪ پٽي کائيندا هئا، ۽ اهڙيون پاڙون جن ۾ ڪو سواد ڪونہ هو، سي سندن خوراڪ هونديون هيون. 5 کين ماڻهن جي وچان هڪالي ڪڍيو ويندو هو، ماڻهو سندن پٺيان ائين هڪلون ڪري ڪڍ پوندا هئا، ڄڻ ڪنهن چور جي پٺيان پوندا هجن. 6 کين ٺوٺ برساتي نهرن ۾، زمين جي چرن ۾، ۽ ٽڪرن جي وچ ۾ رهڻو پوندو هو. 7 هو ٻوڙن جي وچ ۾ هينگندا وتندا هئا، ۽ ڪانڊيرن هيٺان اچي گڏ ٿي پئجي رهندا هئا. 8 اهي سڀ بيوقوفن ۽ گمنامن جو اولاد هئا، کين چهبڪ هڻي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو ويو هو.“ ايوب جو بيعزتيون سهڻ 9 ”پر هاڻي سندن اولاد مون تي راڳ ٺاهي ٺٺوليون ٿو ڪري، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان. 10 هو نفرت ڪندي مون کان پري ڀڄي ٿا بيهن، هو منهنجي منهن تي ٿڪون هڻڻ کان بہ نہ ٿا مڙن. 11 خدا منهنجي طاقت ٽوڙي ڇڏي آهي، ۽ هاڻي آءٌ بيوس آهيان، سو هو منهنجي اڳيان بيلغام ٿي ويا آهن. 12 انهن فسادين جا ٽولا مون سان مهاڏو اٽڪائيندا رهن ٿا، ۽ منهنجا پير ڪڍن ٿا، هو مون کي ناس ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪن ٿا. 13 هو منهنجا رستا وٺيو بيهن ٿا، جيئن آءٌ کانئن بچي نہ نڪران، بلڪ ناس ٿي وڃان، اهو سڀ هو ڪنهن جي مدد کان سواءِ بہ ڪري سگھن ٿا. 14 هو ڄڻ تہ سپاهين وانگر ڀت کي وڏو ڦاڙ ڪري مون تي حملو ڪن ٿا، هو مون کي تباهہ ڪرڻ لاءِ مون تي ڪاهہ ڪيو اچن ٿا. 15 دهشتون اچي مون تي غالب پيون آهن، ۽ تيز هوا وانگر منهنجي مان مرتبي کي اڏائي ڇڏيو اٿن. منهنجي خير وَ سلامتي ڪڪر وانگر گم ٿي ويئي آهي.“ خدا جي ستائڻ بابت ايوب جي شڪايت 16 ”هاڻي تہ آءٌ مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهيان، مصيبت جي ڏينهن اچي مون کي ورايو آهي. 17 رات جي وقت منهنجيون هڏيون ڏکنديون رهن ٿيون. اهي سور جيڪي مون کي کائيندا رهن ٿا، سي ختم ئي نہ ٿا ٿين. 18 خدا منهنجي قميص جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھي، مون کي پڪڙيو آهي، ۽ منهنجي بدن کي لباس جيان مروٽي بدنما ڪري ڇڏيو اٿس. 19 هن مون کي گپ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي پيو آهيان. 20 اي خدا! آءٌ تو کي رڙيون ڪري ٿو پڪاريان، پر تون ڪو جواب نہ ٿو ڏين. آءٌ تو آڏو دعا گھرندي ٻاڏايان ٿو، پر تون مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين. 21 اٽلندو تون مون سان سختيءَ سان پيش ٿو اچين، ۽ پنهنجي پوري طاقت سان مون کي ستائين ٿو. 22 تنهنجي هٿ تيز هوا وانگر مون کي اڇلايو آهي، هائو، تو طوفان جيان مون کي اٿلائي پٿلائي رکيو آهي. 23 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. 24 پر حقيقت ۾ اهڙي ماڻهوءَ تي ڪڏهن بہ هٿ نہ کڻبو آهي، جيڪو مصيبت ۾ ڦاٿل هجي ۽ مدد لاءِ پڪاريندو هجي. 25 آءٌ تہ انهن لاءِ روئندو هئس، جيڪي تڪليف ۾ ڦاٿل هوندا هئا، محتاجن جي لاءِ تہ منهنجي جان تڙپندي هئي. 26 پر جڏهن مون ڀلائيءَ جي اميد رکي تہ مون تي بڇڙائي موڪلي ويئي. هائو، جڏهن آءٌ روشنيءَ جي انتظار ۾ هئس تہ مون تي اونداهي موڪلي ويئي. 27 منهنجا آنڊا ٿا جلن، انهن کي ڪو آرام ڪونهي. مون تي مصيبت جا ڏينهن اچي پيا آهن. 28 آءٌ اداسيءَ ۾ پيو گھاريان، مون لاءِ خوشين جو سج نہ ٿو اڀري. ماڻهن جي ميڙ منجھہ هوندي بہ مون کي مدد لاءِ پڪارڻو ٿو پوي. 29 منهنجي پڪار اهڙي غمگين ۽ اٻاڻڪي آهي، جيئن ڪنهن گدڙ يا شترمرغ جي رُوڙ. 30 منهنجي کل ڪاري ٿي ويئي آهي ۽ جسم تان لهيو ٿي پوي. منهنجي سڄي جان بخار ۾ پيئي ٻري. 31 ڪڏهن تہ آءٌ دنبورا ۽ شرنايون وڄندي خوشيءَ جو آواز ٻڌندو هئس، پر هاڻي منهنجي ٻڌڻ لاءِ رڳو ماتم ۽ روڄ آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society