Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 29 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو آخري بحث مباحثو ( 29‏:1‏–31‏:40 ) ايوب جي اڳئين خوشحالي

1 ايوب وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ

2 ”ڪاش! آءٌ اهڙو ئي هجان ها جهڙو اڳئين وقت ۾ هئس، هائو، انهن ڏينهن وانگر جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.

3 تڏهن خدا هميشہ مون سان گڏ هوندو هو، ۽ سندس عطا ڪيل روشنيءَ جي مدد سان آءٌ اونداهيءَ مان بہ لنگھي ويندو هئس.

4 انهن ڏينهن ۾ آءٌ سکيو ستابو هوندو هئس، ۽ منهنجي گھر تي خدا جي ٻاجھہ هوندي هئي.

5 تڏهن قادرِمطلق اڃا مون سان گڏ هو، ۽ منهنجا ٻار منهنجي چوڌاري هوندا هئا.

6 انهن ڏينهن ۾ مون کي تمام گھڻو مال ۽ باغ باغيچا هوندا هئا، تنهنڪري مون وٽ کير ۽ تيل جون نديون وهنديون هيون.

7 جڏهن آءٌ شهر جي دروازي وٽ اڳواڻن جي مجلس ۾ ويهڻ لاءِ پنهنجي مسند ڏانهن ويندو هئس،

8 تڏهن جوان ماڻهو مون کي ڏسندي ئي هٽي رستو ڏيندا هئا، ۽ پوڙها منهنجي احترام ۾ اُٿي بيهندا هئا.

9 منهنجي اچڻ تي شهر جا امير احترام وچان پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪري خاموش ٿي ويهندا هئا.

10 هائو، انهن جو آواز بلڪل بند ٿي ويندو هو، ڄڻ تہ سندن زبان وڃي تارونءَ سان لڳندي هئي.“


ايوب جو پنهنجي رحمدليءَ کي ياد ڪرڻ

11 ”جيڪي بہ ماڻهو منهنجي نيڪ ڪمن بابت ٻڌندا يا اُهي ڏسندا هئا، سي مون کي مبارڪ سڏيندا هئا، ۽ منهنجي نيڪيءَ جي شاهدي ڏيندا هئا.

12 انهيءَ سبب جو غريب جيڪي دانهون ڪندا هئا، ۽ يتيم جن جو ڪوبہ واهرو ڪونہ هو، تن جون مشڪلاتون آءٌ دور ڪندو هئس.

13 هائو، ڏک سهندي موت جي منهن مان بچي وڃڻ وارا بہ مون کي دعا ڪندا هئا، منهنجي مدد سان رنن‌زالن کي بي‌انتها خوشي حاصل ٿيندي هئي.

14 سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.

15 آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوندو هئس.

16 محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.

17 بدڪار ماڻهن جي ڏندن مان آءٌ شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هئس، هائو، بدڪارن جون ڄاڙيون ڀڃي، تن کان ستايلن کي ڇڏائيندو هئس.“


ايوب جو اڳيون اعتماد

18 ”مون کي هميشہ اها اميد هئي تہ آءٌ وڏي ڄمار تائين جيئندس ۽ پنهنجي ئي ڪکن ۾ سڪون سان مرندس،

19 آءٌ هميشہ انهيءَ وڻ وانگر رهندس، جنهن جون پاڙون سدائين سايون رهنديون آهن، منهنجي ٽارين تي سڄي رات ماڪ پوندي، ۽ مون کي تازگي بخشيندي،

20 هر ڪو ماڻهو هميشہ منهنجي عزت ۽ احترام ڪندو رهندو، ۽ مون کي سدائين نئين طاقت عطا ٿيندي رهندي، هائو، مون کي هميشہ اها ئي اميد رهندي هئي.

21 اڳي جڏهن آءٌ ڪا صلاح مشورو ڏيندو هئس، تہ ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوندو هئس سو ڌيان ڏيئي ٻڌندا هئا.

22 منهنجي ڏنل صلاح هڪدم قبول ڪندي، اهي وڌيڪ بلڪل نہ ڳالهائيندا هئا. منهنجو ڳالهائڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي پوندڙ مينهن جي ڦڙن وانگر سندن دلين ۾ جذب ٿي ويندو هو.

23 ماڻهو منهنجي ڳالهائڻ لاءِ ائين منتظر رهندا هئا، جيئن سوڪهڙي ۾ برسات لاءِ واجھائيندا هجن. حقيقت ۾ اهي انهن فڪرمند هارين جيان هئا، جيڪي بهار جي آخري برسات لاءِ واجھائيندا هجن.

24 ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن اهي نااميد ٿي ويندا هئا، تڏهن آءٌ اچي ساڻن ساٿ ڏيندو هئس، هائو، منهنجو مرڪندڙ چهرو سندن همت‌افزائي ڪندو هو.

25 آءٌ ئي سندن اڳواڻي ڪندو هئس، ۽ سندن لاءِ واٽون مقرر ڪندو هئس. آءٌ منجھن ائين رهندو هئس، جيئن ڪو بادشاهہ پنهنجي سپاهين ۾ رهي، آءٌ سندن ڏکن ۾ کين تسلي ڏيندو هئس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan