ايوب 27 - Muslim Sindhi Bibleايوب جو ورندي ڏيڻ ( 27:1-12 ) ايوب جو پاڻ کي بيڏوهي قرار ڏيڻ 1 ايوب پنهنجو گفتگو جاري رکندي چيو تہ 2 ”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي، 3 تہ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهہ آهي، ۽ جيستائين خدا مون کي ساهہ کڻڻ جي توفيق ڏئي ٿو، 4 تيستائين منهنجي وات مان هرگز ڪوڙ نہ نڪرندو، نہ وري منهنجيءَ زبان مان ٺڳيءَ جي ڪا ڳالهہ نڪرندي. 5 انهيءَ ڪري اي دوستؤ! آءٌ هرگز اوهان کي سچو نہ مڃيندس، آءٌ مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجي بيگناهيءَ واري ڳالهہ تان ڪين هٽندس. 6 آءٌ پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان، ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس، جيستائين آءٌ جيئندس، تيستائين منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪندو. 7 سو جيئن اوهان شريرن بابت چيو، تيئن شل منهنجا دشمن بہ انهن جيان سزا کائين، هائو، جيڪي منهنجي خلاف اٿن ٿا، شل سي بدڪار ماڻهن جيان ڀوڳين. 8 خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن کان جڏهن هو حياتي کسي ٿو، انهيءَ وقت اهي دعا گھرندي خدا کان ڪهڙي اميد رکي ٿا سگھن؟ 9 جڏهن مٿن ڪا مصيبت ايندي، تہ خدا ڪو سندن دانهن ٻڌندو ڇا؟ 10 پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟ 11 اچو تہ آءٌ اوهان کي خدا جي قدرت جي سمجھاڻي ڏيان، آءٌ قادرِمطلق جا ارادا اوهان کان ڪين لڪائيندس. 12 پر ڪهڙو فائدو؟ اهو سڀ ڪجھہ تہ اوهان سڀني خود ڏٺو آهي، تہ پوءِ اوهين اجايو اهڙيون بيعقليءَ واريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“ ضوفر جو چوٿون گفتگو ( 27:13-23 ) خدا جو شريرن کي برباد ڪرڻ 13 ”اي ايوب! تو کي آءٌ ٿو ٻڌايان تہ شرير ماڻهن کي خدا ڪيئن ٿو سزا ڏئي، هائو، انهن ظالمن تي قادرِمطلق وٽان ڪهڙو عذاب ٿو نازل ٿئي. 14 جيڪڏهن هنن کي گھڻو اولاد هوندو آهي تہ اهي سڀ جنگ ۾ مارجي ويندا آهن. انهن جي نسل جي بک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي. 15 انهن مان جيڪي باقي بچندا آهن، سي وبا ۾ مري کپي ويندا آهن، ۽ انهن جون رنونزالون بہ مٿن ڪين روئنديون آهن. 16 بدڪار ماڻهو جيتوڻيڪ مٽيءَ وانگر چانديءَ جا ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ پوشاڪن جا ڍڳ تيار ڪري رکندا آهن، 17 تہ بہ اهي رڳو ميڙيندا ۽ تيار ڪندا آهن، باقي اهي پوشاڪون پهريندا سچا ماڻهو ئي آهن، ۽ سندن اها چاندي بيگناهہ ماڻهو ئي ورهائي کڻندا آهن. 18 بدڪار ماڻهو پنهنجو گھر تہ جوڙين ٿا، پر ڪوريئڙي جي ڄاري جيان، هائو، فصل جي سنڀال لاءِ جوڙيل ان ڪچي پيهي جيان، جيڪو فصل لڻڻ بعد هاري ڦٽايو ڇڏي ٿو. 19 دولتمند جڏهن رات جو سمهن ٿا، تہ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجھہ کڻي نہ ٿا سمهن، ۽ جڏهن هو پنهنجيون اکيون کولين ٿا، تہ وٽن ڪجھہ بہ ڪين ٿو رهي. 20 دهشتون هنن کي ٻوڏ وانگر وڪوڙي ٿيون وڃن، ۽ واچوڙو رات جو کين اڏائي کنيون ٿو وڃي. 21 جھولو کين اڏائي گم ڪيو ڇڏي، هائو، اهو کين پنهنجيءَ جاءِ تان ٻهاريو ڇڏي. 22 جھولو کين سدائين گھليندو رهندو ۽ ڪا ڍر نہ ڏيندو، جڏهن تہ اهي کانئس ڀڄي نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا. 23 پر اهو وڌيڪ غضبناڪ ٿي سندن پٺيان پوندو، ۽ زوڪاٽ ڪندي کين پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society