Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 26 - Muslim Sindhi Bible


بلدد جي گفتگوءَ ۾ ايوب جي مداخلت

1 تڏهن ايوب بلدد جي گفتگوءَ ۾ مداخلت ڪندي چيو تہ

2 ”واہ! مون ناتوان جي تو ڪهڙي نہ مدد ڪئي آهي! مون ڪمزور کي تو ڪهڙو نہ سنڀاليو آهي!

3 مون نادان کي تو ڪهڙي نہ صلاح ڏني آهي! واہ! تو ڪيڏي نہ عقلمنديءَ واري ڳالهہ ڪئي آهي!

4 تو کي ههڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪنهن اڀاريو؟ ڪنهن تو کي ڳالهائڻ جي لاءِ اها سوچ ڏني؟“


خدا جي عظيم طاقت بابت بلدد جو گفتگو جاري رکڻ

5 ”خدا جي حشمت سبب پاتال منجھہ مري ويلن جا روح ڏڪن ٿا، هائو، ڌرتيءَ جي هيٺين بحرن ۾ اهي ڪنبن ٿا.

6 پاتال خدا جي آڏو بلڪل کُليل آهي، هائو، سندس لاءِ انهيءَ تي ڪو پردو پيل ڪونهي.

7 هن ئي آسمان کي چئني طرفن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتيءَ کي خلا ۾ ٽنگي بيهاريو اٿس.

8 اهو خدا ئي آهي جيڪو ڪڪرن کي پاڻيءَ سان ڀري ٿو ڇڏي، ۽ اهي پاڻيءَ جي وزن کان ڦاٽي نہ ٿا پون.

9 هو پنهنجي تخت کي گھاٽي ڪڪر سان ڍڪي ٿو ڇڏي.

10 هن ڌرتيءَ جي چوڌاري سمنڊن جي ٻاهران مٿن گولائي ڪڍي روشنيءَ ۽ اونداهيءَ جي حد مقرر ڪئي آهي.

11 هن جي ڌمڪيءَ کان آسمان جا ٿنڀا بہ ڏڪي ۽ ڪنبي وڃن ٿا.

12 هن پنهنجيءَ طاقت سان سمنڊ کي شڪست ڏيئي ڇڏي، هن پنهنجيءَ حڪمت سان سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

13 خدا پنهنجي ڦوڪ سان آسمانن کي زينت بخشي آهي. سندس ئي هٿ ازدها بلا کي چچري ڇڏيو آهي.

14 ياد رک، اها تہ سندس عظيم طاقت جي رڳو هڪڙي جھلڪ آهي، هائو، رڳو ماٺيڻو آواز، جيڪو اسين ٻڌون ٿا. پر سندس عظيم قدرت جي وسعت کي ڪير ٿو سمجھي سگھي؟“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan