Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 23 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو ورندي ڏيڻ ( 23‏:1‏–24‏:17 ) ايوب خدا جي ڳولا ۾

1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”مون کي اڄ بہ خدا سان سخت شڪايت آهي، منهنجي چيچلائڻ جي باوجود سندس ڳرو هٿ مون تي پيو آهي.

3 ڪاش! مون کي خبر پوي ها تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر سندس مسند تائين بہ وڃي نڪران ها.

4 اتي آءٌ پنهنجو مقدمو سندس آڏو پيش ڪريان ها، ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ سمورا دليل ۽ حجتون سندس آڏو رکان ها.

5 آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو تہ هو مون کي ڪهڙو جواب ٿو ڏئي، آءٌ معلوم ڪرڻ گھران ٿو تہ هو ڇا ٿو چوي.

6 تڏهن ڇا خدا پنهنجي عظيم قدرت منهنجي خلاف استعمال ڪري ها؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هو منهنجي ٻڌي ها.

7 پوءِ آءٌ ساڻس بحث ڪريان ها، ڇو تہ آءٌ سچو آهيان، تڏهن هو منهنجي بي‌گناهہ هجڻ جو اعلان ڪري ها تہ آءٌ هميشہ لاءِ ڇٽي وڃان ها.

8 پر آءٌ هن کي اوڀر ۾ ٿو ڳوليان تہ هو ڪين ٿو ملي، کيس اولهہ ۾ ٿو ڳوليان تہ بہ هو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.

9 آءٌ اتر ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تہ بہ مون آڏو ظاهر ڪين ٿو ٿئي، جيڪڏهن ڏکڻ ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تڏهن بہ ڪين ٿو ملي.

10 مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.

11 منهنجا پير هن جي نقشِ‌قدم تي قائم رهيا آهن، مون سندس ئي راهہ اختيار ڪئي آهي، ۽ ڪيڏانهن بہ ڪين مڙيو آهيان.

12 مون سندس حڪمن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، آءٌ پنهنجي خواهشن کي ڇڏي سندس مرضيءَ تي هليو آهيان.


خدا آڏو ايوب جو ڊڄڻ

13 مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.

14 مون بابت جيڪي ڪجھہ مقرر ڪيو ويو آهي تنهن کي هو عمل ۾ آڻي ٿو، ۽ اهڙيون گھڻيون ئي رٿون اڃا تائين سندس هٿ ۾ آهن.

15 تنهنڪري ئي آءٌ سندس حضور ۾ ڊڄان ٿو، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪري ڏڪي ٿو وڃان.

16-17 قادرِمطلق خدا منهنجي همت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، اها مصيبت جي اونداهي ناهي، بلڪ خدا ئي آهي، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، هن ئي منهنجي هر خوشي انهيءَ گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ لڪائي ڇڏي آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan