ايوب 20 - Muslim Sindhi Bibleضوفر جو ٻيو گفتگو ( 20:1-29 ) شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي 1 تڏهن ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ 2 ”تنهنجي چيل ڳالهين منهنجي دل کي بيقرار ڪري ڇڏيو آهي، تہ آءٌ تو کي انهن جو جواب ڏيان. 3 تو تهمت هڻي مون کي بيعزت ڪيو آهي، پر آءٌ تو کي انهيءَ جو جواب ڏيڻ ڄاڻان ٿو. 4 ڇا تون قديم زماني جي اها ڳالهہ نہ ٿو ڄاڻين، جڏهن کان ڌرتيءَ تي انسان کي آباد ڪيو ويو هو تہ 5 ’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي. 6 توڙي جو هنن جو شان وَ شوڪت آسمان تائين وڃي پهچي، ۽ سندن مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي، 7 تڏهن بہ هو پنهنجي پائخاني وانگر هميشہ لاءِ فنا ٿي ويندا. پوءِ جن کين ڏٺو هوندو سي چوندا تہ ’هو ڪيڏانهن ويا؟‘ 8 هو انهيءَ خواب، انهيءَ رويا وانگر گم ٿي ويندا، جيڪي رات جو ڏسجن ٿا، ۽ وري ڪڏهن بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندا آهن. 9 جنهن بہ هنن کي ڏٺو آهي، سو وري کين نہ ڏسندو، نڪي سندن گھر جا ڀاتي ئي وري کين ڏسندا. 10 سندن ٻارن جي اها حالت ٿيندي جو اهي غريبن آڏو وڃي پنهنجو هٿ ٽنگيندا، ڇو تہ جيڪا بہ دولت شريرن گڏ ڪئي هوندي، تنهن کان سندن اولاد کي دستبردار ڪيو ويندو. 11 جيتوڻيڪ انهن شريرن جو بدن اڃا جوان ۽ مضبوط هوندو، تنهن هوندي بہ هو جلد ئي وڃي مٽيءَ سان مٽي ٿيندا. 12 جيتوڻيڪ بدڪارن جي زبان کي شرارت مٺي لڳندي، ۽ هو انهيءَ کي مزي خاطر پنهنجي زبان هيٺ رکي ڇڏيندا، 13 جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي بچائي رکندا ۽ ڇڏڻ کان ڪيٻائيندا، بلڪ انهيءَ کي وات اندر سنڀالي رکيو ايندا، 14 تڏهن بہ هنن جو اهو کاڌو سندن آنڊن ۾ ڦري ڪاريهر جو زهر ٿي پوندو. 15 هو دولت ڳهي تہ ويا آهن، پر اها هو وري الٽي ڪري ٻاهر ڪڍندا، خدا سندن پيٽ مان اها ڪڍي ڇڏيندو. 16 هو جيڪي بہ ڳڙڪائين ٿا، سو ڪاريهر جي زهر مثل آهي، جيڪو کين موتمار نانگ جي چڪ وانگر ماري وجھندو. 17 تيل، ماکيءَ ۽ مکڻ جي وهندڙ دريائن ۾ سندن ڪو حصو نہ هوندو، هائو، هو آسودگي ۽ خوشحالي بلڪل نہ ڏسندا. 18 هنن کان سندن محنت جي ڪمائي ڦُري ويندي، هو اها کائي نہ سگھندا. هنن جيڪو بہ مال ملڪيت حاصل ڪيو هوندو، تنهن مان کين ڪا خوشي حاصل نہ ٿيندي. 19 انهيءَ سبب جو هنن غريبن جو حق ماريو آهي، ۽ سندن ڪو خيال نہ ڪيو اٿائون. هنن زور زبردستيءَ سان گھر قبضي ڪيا آهن، جيڪي پاڻ تعمير نہ ڪيا هئائون. 20 جيئن تہ هنن پنهنجي اندر ۾ قناعت کي ڄاتو ئي ڪونهي، تنهنڪري کين ڪڏهن بہ اطمينان حاصل نہ ٿيندو. 21 اهڙي ڪابہ شيءِ ناهي بچي، جيڪا هنن ڳڙڪائي نہ ڇڏي هجي، تنهنڪري هنن جي آسودگي جٽاءُ نہ ڪندي. 22 جيتوڻيڪ وٽن جھجھي ملڪيت هوندي، تنهن هوندي بہ اوچتو ئي تنگي اچي ورائيندن، ۽ هر ڪا آفت سندن مٿان اچي ڪڙڪندي. 23 جڏهن هو پنهنجو پيٽ ڀرڻ تي هوندا، تڏهن خدا مٿن پنهنجو خوفناڪ غضب نازل ڪندو. هو انهيءَ غضب ۾ ٻڏل رهندا، ڇو تہ خدا اهو سندن مٿان مينهن وانگر وسائيندو رهندو. 24 جيڪڏهن هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندا، تہ پتل جو تير چڀي کين ماري ڇڏيندو. 25 اهو تير سندن پٺيءَ کان اچي نڪرندو، ۽ انهيءَ جي چمڪندڙ چهنب سندن جگر مان پار ٿي ويندي، تڏهن دهشتون مٿن غالب اچي وينديون. 26 سندن خزانا چٽ ڪري سارا اونداهيءَ سان ڀريا ويندا، خدا کين باهہ ۾ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. سندن گھرن ۾ جيڪي بہ باقي بچيا هوندا، تن کي بہ باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. 27 آسمان انهن جا گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين تن جي خلاف اُٿي کڙي ٿيندي. 28 خدا جي غضب واري ٻوڏ ۾ سندن گھر جي برڪت ۽ سندن مالمتاع لڙهي ويندو. 29 خدا جي طرفان شرير ماڻهن لاءِ اهو ئي حصو آهي، خدا سندن مقدر ۾ اهو ئي لکي ڇڏيو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society