Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 2 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جي ٻي آزمائش

1 وري هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي خداوند آڏو اچي حاضر ٿيو.

2 خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“

3 تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بي‌سبب کيس ناس ڪريان.“

4 تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ، انسان پنهنجي حياتي بچائڻ جي عيوض ۾ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي سو سڀ ڏيئي بہ ڇڏي تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي.

5 پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگھيري سندس جان کي نقصان پهچاءِ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“

6 خداوند شيطان کي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هو تنهنجي اختيار ۾ آهي، پر هن جي حياتي رڳو بچيل رهي.“

7 تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو ۽ وڃي ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين خوفناڪ ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.

8 سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.

9 تڏهن سندس زال چيس تہ ”اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قائم رهندين ڇا؟ خدا جي خلاف ڪفر ڳالهاءِ ۽ مري وڃ.“

10 پر ايوب چيس تہ ”اي بي‌وقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.


ايوب جي دوستن جو وٽس اچڻ

11 هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن، اليفز تيماني، بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتيءَ مٿس آيل انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو احوال ٻڌو، تڏهن پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هلي ايوب سان ڏک ونڊين ۽ کيس تسلي ڏين.

12 جڏهن اڃا هو پرڀرو ئي هئا تہ ايوب تي نظر پين، مگر کيس سڃاڻي نہ سگھيا. پر جڏهن کيس سڃاتائون تڏهن اهي رڙيون ڪري روئڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ پنهنجن مٿن ۾ مٽي وڌائون.

13 پوءِ اهي ست ڏينهن ۽ ست راتيون ايوب سان گڏ زمين تي ويٺا رهيا. پر منجھائن ڪنهن بہ ساڻس هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ ايوب نهايت ئي تڪليف ۾ هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan