ايوب 18 - Muslim Sindhi Bibleبلدد جو ٻيو گفتگو ( 18:1-21 ) خدا شريرن کي ضرور برباد ڪندو 1 تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ 2 ”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ. 3 اسان کي ڍورن وانگر ناسمجھہ ڇو ٿو سمجھين؟ تنهنجي نظر ۾ اسين نادان ڇو آهيون؟ 4 تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟ 5 هرگز نہ، اٽلندو هو شريرن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندو، اهي ڏيئي جي انهيءَ لاٽ وانگر ٿيندا، جيڪا وري روشن نہ ٿيندي. 6 هو اونداهي گھر وانگر ٿيندا، جنهن جي روشني اجھامي ويئي هوندي، هائو، اهڙي گھر جيان، جنهن ۾ ٻرندڙ فانوس اجھايو ويندو. 7 سندن اعتماد سان هلڻ ختم ٿي ويندو، ۽ سندن پنهنجا ئي ٺاهيل منصوبا کين ڪيرائي وجھندا. 8 سندن پير پاڻ ئي وڃي ڄار ۾ ڦاسندا، هائو، هو ڄار منجھہ ئي ڦاٿل رهندا. 9 ڦندو سندن پيرن کي جڪڙي وٺندو، ۽ کين پڪڙي سوگھو ڪندو. 10 ڦاهي هنن لاءِ زمين تي لڪائي رکي ويئي آهي، ۽ ڪوڙڪي سندن رستي ۾ اڏي ويئي آهي. 11 دهشتناڪ شيون هر پاسي کان کين ڊيڄارينديون، ۽ انبوہ جي صورت ۾ پيڇو ڪري کين ڀڄائينديون. 12 بک سندن زور کي ختم ڪري وجھندي. مصيبت هنن جا پاسا وٺيو هلندي. 13 مرض سندن چمڙيءَ کي ڳهي ويندو، هائو، موتمار بيماري سندن عضوا کائي چٽ ڪري ڇڏيندي. 14 جن گھرن جو هنن کي ڀروسو آهي، تن مان کين اُکيڙيو ويندو. کين موت جي فرشتي آڏو حاضر ڪيو ويندو. 15 سندن گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، هائو، سندن جاين تي گندرفي باهہ وسائي ويندي. 16 هو اهڙي وڻ جيان هوندا، جنهن جون پاڙون هيٺان سڪيو وڃن، ۽ مٿان سندس ٽاريون ڪومائجيو وڃن. 17 دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو. 18 کين جيئرن جي روشن دنيا کان مئلن جي انڌيري دنيا ڏانهن هڪاليو ويندو، هائو، هن دنيا مان کين تڙيو ويندو. 19 سندن رهڻ واري جاءِ ۾ ڪوبہ باقي نہ بچندو، هائو، هنن جو اولاد ۽ نسل دنيا ۾ ئي نہ رهندو. 20 اوڀر کان اولهہ تائين جيڪي بہ سندن سزا بابت ٻڌندا، تہ خوف وچان کين دهشت ۽ ڏڪڻي وٺي ويندي. 21 بيشڪ بدڪارن جي سزا اها ئي آهي، هائو، جيڪي خدا جا انڪاري آهن، تن جو اهو ئي مقدر آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society