ايوب 17 - Muslim Sindhi Bible1 منهنجا ڏينهن گھٽايا ويا آهن، هاڻ منهنجو ساهہ لُڪيءَ ۾ اچي پهتو آهي، ۽ قبر منهنجي انتظار ۾ آهي. 2 منهنجي هيءَ حالت ڏسي هر ڪو مون تي ٺٺوليون ٿو ڪري، ۽ منهنجيون اکيون سندن ڇيڙڇاڙ کي رڳو ڏسنديون ٿيون رهن.“ ايوب جو خدا کي پڪارڻ 3 ”اي خدا! منهنجي بيڏوهي هجڻ لاءِ منهنجي دعويٰ قبول فرماءِ، ڇو تہ منهنجي بيڏوهي هجڻ جو ڪو ضامن ڪونهي، 4 ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي ساٿين جي دلين کي سچ سمجھڻ کان روڪي رکيو آهي. پر هاڻ مون تي الزام مڙهڻ ۾ تون هنن کي ڪاميابي نہ بخش، 5 ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘ 6 خدا مون کي ماڻهن لاءِ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيو آهي، آءٌ اهڙو ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿڪون ٿا هڻن. 7 سو غم جي ڪري منهنجي نظر بہ ڌنڌلائجي ويئي آهي، ۽ منهنجي سڀني عضون جو ماس ڳري ويو آهي. 8 سچار ماڻهو بہ منهنجي حالت ڏسي دهلجي ويا آهن، هو اهو سمجھي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تہ آءٌ خدا کي رد ڪندڙ آهيان. 9 سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا. 10 پر جي اوهين سڀ جو سڀ، جيڪي پاڻ کي سچار ٿا سمجھو سي اچي مون آڏو بيهو، تہ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ نہ ايندو، جيڪو حقيقت کي سمجھي سگھي.“ ايوب جي نااميدي 11 ”منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن، منهنجا ارادا ٽٽي پيا آهن، هائو، منهنجي دل جون اميدون مٽجي ويون آهن. 12 پر منهنجا دوست رات کي ڏينهن ٿا چون، اهي چون ٿا تہ روشني ويجھي آهي، جڏهن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ اونداهيءَ ۾ ئي آهيان. 13 مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي. 14 مون قبر کي چيو آهي تہ ’تون منهنجي ماءُ آهين.‘ ۽ ڪينئن کي چيو اٿم تہ ’توهين منهنجا پيءُ ۽ ڀائر آهيو.‘ 15 سو منهنجي اميد آهي ڪٿي؟ هائو، ڪير ڏسندو منهنجي اميد کي؟ 16 مون سان گڏ منهنجي اميد بہ قبر ۾ لهي هلندي، اسين ٻيئي مٽيءَ ۾ ملي وڃي آرامي ٿينداسين.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society