ايوب 16 - Muslim Sindhi Bibleايوب جو اليفز کي ورندي ڏيڻ ( 16:1–17:16 ) ايوب جو دوستن کي ميار ڏيڻ 1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ 2-3 ”اي اليفز! تنهنجي اجاين ڳالهين جي ڪا پڄاڻي بہ ٿيندي يا نہ؟ ڪهڙي ڳالهہ تو کي تنگ ٿي ڪري جو تون اهڙو جواب ٿو ڏئين؟ آءٌ اهڙيون گھڻيون ئي ڳالهيون ڄاڻان ٿو، اوهين سڀ تسلي ڏيڻ جي بدران مون کي اڃا وڌيڪ ڏک ٿا رسايو. 4 جيڪڏهن اوهين منهنجي جاءِ تي هجو ها، ۽ آءٌ اوهان جي جاءِ تي، تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگھيس. آءٌ بہ اوهان جي خلاف ڳالهيون ٺاهي ٿي سگھيس، ۽ پنهنجو مٿو اوهان جي خلاف لوڏي ٿي سگھيس. 5 پر نہ، آءٌ تہ پنهنجي مشورن سان اوهان کي همتايان ها، ۽ منهنجي واتان ڏنل تسلي، جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي ها.“ ايوب جو خدا جي ڏنل ڏکن جو بيان 6 ”هاڻي توڙي جو آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ بہ منهنجو ڏک هلڪو نہ ٿو ٿئي، يا توڙي جو آءٌ ماٺ ٿو رهان تہ بہ مون کي آرام ڪونہ ٿو ملي. 7 اي خدا! ڏک ڏيئي ڏيئي تو مون کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. تو منهنجي پوري گھراڻي کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو آهي. 8 تو مون کي پڪڙي قابو ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اها ڳالهہ منهنجي خلاف شاهدي ٿا سمجھن، هائو، منهنجي هيءَ ڏٻرائي ئي منهنجي خلاف شاهدي ٿي ڏئي. 9 خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي. 10 سو ماڻهو پنهنجو وات ڦاڙي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، هو ملامت ڪرڻ واسطي مون کي منهانيون چماٽون ٿا هڻن، هو پاڻ ۾ هڪ ٿي منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. 11 خدا مون کي بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي شريرن جي هٿن ۾ اڇلائي وڌو آهي. 12 آءٌ آرام ۾ هئس، پر خدا مون کي چٿي ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي ڳچيءَ کان پڪڙي اڇلائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو آهي. هن مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي، 13 ۽ سندس تيراندازن چوڌاري مون کي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تيرن سان هن منهنجيون بڪيون چيري ڇڏيون آهن، ۽ قياس نہ ڪيو اٿس. ايترو زخمي ڪيو اٿس جو منهنجو پتو بہ ڦاڙي وڌو اٿس. 14 هن مون کي شڪست تي شڪست ڏيئي ٽوڙي وڌو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر مون تي ڪاهہ ڪري ٿو اچي. 15 مون روئندي رڙندي پنهنجي بدن تي کٿو ڍڪيو آهي، آءٌ شڪست کائي اچي مٽيءَ ۾ ڪريو آهيان. 16 مون کي ايترو ستايو اٿائين، جو روئي روئي منهنجو منهن سڄي پيو آهي، ۽ موت جو پاڇو منهنجي ڇپرن تي اچي پيو آهي، 17 جيتوڻيڪ منهنجا هٿ ظلم سان رنڱيل نہ آهن، ۽ منهنجي عبادت بہ بلڪل خالص آهي.“ ايوب جو پنهنجي فرياد کي پنهنجي وڪالت چوڻ 18 ”اي ڌرتي! منهنجي وهايل رت کي نہ لڪاءِ، انصاف واسطي منهنجي فرياد کي پاڻ وٽ روڪي نہ رک. 19 ڏس، هن مهل منهنجي شاهدي عرش عظيم ۾ پهتل آهي، هائو، منهنجي وڪالت عالمِ بالا ۾ هلي رهي آهي. 20 بيشڪ منهنجو فرياد ئي منهنجي وڪالت ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجيون اکيون انصاف لاءِ خدا ڏانهن واجھائي رهيون آهن. 21 ڪاش! منهنجو فرياد سندس آڏو منهنجي صفائي پيش ڪري، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو ساٿي سندس لاءِ ٻئي آڏو هن جي صفائي پيش ڪري ٿو. 22 ٻي صورت ۾ هاڻ تہ منهنجي حياتيءَ جا سال پورا ٿيڻ وارا آهن، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ راهہ تي روانو ٿي ويندس، جتان ڪوبہ نہ ٿو موٽي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society