Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 13 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو دوستن کي ڪوڙو سڏڻ

1 ”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.

2 جيڪي ڪجھہ اوهين ڄاڻو ٿا، تنهن جيترو آءٌ بہ ٿو ڄاڻان، آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان.

3 سو هاڻي آءٌ اوهان سان نہ، بلڪ قادرِمطلق سان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجو مقدمو خدا وٽ پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.

4 اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.

5 ڪاش! اوهين بلڪل خاموش رهو ها، تہ اها اوهان جي ڏاهپ ليکجي ها.

6 هاڻي اوهين ماٺ ڪري ويهي منهنجا دليل ٻڌو، هائو، جيڪا دعويٰ آءٌ خدا وٽ پيش ڪرڻ وارو آهيان، تنهن ڏانهن ڌيان ڏيو.

7 يا وري ڇا خدا جي حمايت ۾ اوهين اڃا بہ ڪوڙ ڳالهائيندا؟ ڇا اوهين ماڻهن سان ائين ٺڳي ڪري خدا کي ڪو فائدو رسائيندا؟

8 اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو خدا جي طرفداريءَ جي ڪوشش پيا ڪريو؟ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو عدالت ۾ هن جو مقدمو اوهين وڙهو؟

9 ياد رکو، متان هو ڦري اوهان جي حقيقت جاچي، ۽ پوءِ اوهان لاءِ اهو چڱو نہ ٿئي، ڇو تہ اوهين انسان سان تہ ٺڳي ڪري سگھو ٿا، پر خدا سان ٺڳي ڪري نہ سگھندا.

10 بلڪ جيڪڏهن اوهين ڳجھيءَ طرح بہ سندس طرفداري ڪندا، تڏهن بہ هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو.

11 پوءِ ڇا هن جو دٻدٻو اوهان کي ڊيڄاري نہ وجھندو؟ ڇا هن جو رعب اوهان تي ڪين ويهجي ويندو؟

12 انهيءَ وقت اوهان جا پهاڪا اهڙا بيڪار ثابت ٿيندا جهڙي رک، هائو، اوهان جا دليل اهڙا ڪمزور ثابت ٿيندا جهڙي مٽي.“


خدا وٽ مقدمو پيش ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪرڻ

13 ”سو اوهين ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي بہ مون سان ٿيڻو هوندو سو ڀل ٿئي.

14 آءٌ پنهنجي زندگي خطري ۾ ٿو وجھان، هائو، آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي ٿو رکان.

15 توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.

16 شايد منهنجي اها جرئت منهنجي ڇٽڻ جو سبب بڻجي پوي، ڇاڪاڻ تہ ڪو بدڪار ماڻهو تہ هن جي اڳيان بيهڻ جي همت ئي نہ ٿو ڪري سگھي.

17 سو هاڻي منهنجي ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو، هائو، منهنجو بيان پوري ڌيان سان ٻڌو.

18 ڏسو، مون پنهنجي مقدمي جي چڱيءَ طرح تياري ڪئي آهي، مون کي يقين آهي تہ آءٌ بلڪل حق تي آهيان.

19 ڪير آهي جيڪو منهنجي مقدمي جي مخالفت ڪري سگھي؟ جيڪڏهن آءٌ غلط آهيان، تہ پوءِ ماٺ رهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيان.“


ايوب جو خدا وٽ مقدمو پيش ڪرڻ

20 ”اي خدا! رڳو ٻہ ڳالهيون منهنجيون قبول ڪر، تہ پوءِ آءٌ تو آڏو بيهي سگھندس.

21 پهرين اها تہ مون کي وڌيڪ سزا نہ ڏي، ۽ ٻي اها تہ پنهنجي هيبت کان مون کي نہ ڊيڄارج.

22 پوءِ پهريائين تون ڳالهاءِ، آءٌ تو کي ورندي ڏيندس، يا ڇڏ تہ پهريائين آءٌ ڳالهايان، پوءِ تون مون کي ورندي ڏي.

23 تون ٻڌاءِ تہ مون ڪهڙا گناهہ ڪيا آهن؟ مون کان ڪهڙا قصور ٿيا آهن؟ مون کي بہ تہ خبر پوي تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ۽ گناهہ ڪيو آهي.

24 تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟

25 آءٌ، جيڪو وڻ مان ڪريل رڳو هڪ پن مثل آهيان، تنهن کي ستائيندين ڇا؟ آءٌ، جيڪو بُهہ جي رڳو هڪ ڪک مثل آهيان، تنهن جي پٺيان پوندين ڇا؟

26 واہ جو انصاف ٿو ڪرين، منهنجي نوجوانيءَ جا قصور مون تي موٽائي ٿو آڻين، ۽ انهن جي ڪري منهنجي نصيب ۾ سخت ڳالهيون ٿو لکين!

27 تون منهنجيون ٽنگون بہ ڪاٺ ۾ ٿو وجھين، ۽ منهنجي بچاءَ جا سڀ رستا بہ بند ٿو ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو منهنجا پير لِيڪي ٿو ڇڏين.

28 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهيءَ سڙيل ڳريل شيءِ وانگر اچي ٿيو آهيان، جيڪا فنا ٿيو وڃي. هائو، آءٌ انهيءَ ڪپڙي وانگر آهيان، جنهن کي تڏ کائي ويئي هجي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan