Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 12 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جو ورندي ڏيڻ ( 12‏:1‏–14‏:22 ) ايوب جو دوستن کي ڇينڀڻ

1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”واہ! قوم جو آواز رڳو اوهين ئي آهيو، ۽ اوهان جي مرڻ سان گڏوگڏ ڏاهپ بہ مري کپي ويندي.

3 پر مون کي بہ اهڙي سمجھہ آهي، جهڙي اوهان کي آهي. آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان. ڀلا اوهان جون چيل ڳالهيون ڪير نہ ٿو ڄاڻي؟

4 آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.

5 اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو.

6 جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.

7 تہ بہ مون کي چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن تون سکڻ چاهين ٿو تہ جانورن کان سک، هائو، پکين کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا.

8 تون زمين جي مخلوق کان، توڙي سمنڊ جي مڇين کان پڇندين تہ اهي تو کي ڏاهپ سيکارينديون.

9 انهن سڀني مان هر ڪو تو کي ٻڌائي سگھي ٿو، تہ خداوند جي هٿن ئي هي سڀ ڪجھہ بڻايو آهي.

10 هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي.

11 اهو سڀ سمجھڻ ايترو تہ آسان آهي جيئن ڪَنُ ڳالهين کي ٻڌي ٿو، ۽ جيئن زبان کاڌي کي چکي ٿي.‘

12 واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي.

13 پر سمجھي ڇڏيو تہ حقيقي ڏاهپ ۽ قدرت خدا وٽ ئي آهي، هائو، هدايت ۽ سمجھہ وٽس ئي آهي.


خدا وڏو قهار آهي

14 ياد رکو، جنهن کي هو ڊاهي ٿو، سو وري اڏجي نہ ٿو سگھي، جنهن ماڻهوءَ کي هو قيد ٿو ڪري، سو وري ڇٽي نہ ٿو سگھي.

15 ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.

16 هن وٽ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري قوت آهي، ٺڳجي ويل توڙي ٺڳيندڙ ٻيئي هن جي هٿ وس آهن.

17 هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بي‌عقل ٿو بڻائي ڇڏي.

18 هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي.

19 هو مذهبي اڳواڻن کي لٽائي ڦرائي قيد ٿو ڪرائي، ۽ حڪمرانن کي اونڌو ڪري ٿو ڪيرائي.

20 هو معتبر ماڻهن جون زبانون بند ٿو ڪري ڇڏي، هو بزرگن جي سمجھہ کسي ٿو وٺي.

21 هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.

22 هو اونداهيءَ جي تري ۾ پيل ڳُجھن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو.

23 هو قومن کي وڌائي مضبوط ٿو ڪري، ۽ پوءِ ساڳين ئي قومن کي پڻ ناس ڪري ٿو ڇڏي. هو قومن کي پري پري تائين ڇڙوڇڙ ڪري ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ هو انهن کي وري موٽائي آڻي گڏ ٿو ڪري.

24 هو ڌرتيءَ جي قومن جي سردارن جو عقل کسي ٿو وٺي، ۽ کين اهڙي بيابان ۾ ٿو رلائي، جتي ڪو چارو ئي ڪونهي.

25 اهي روشنيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا ٿا وتن، هو انهن کي اهڙو ٿو بڻائي ڇڏي، جو اهي شرابي ماڻهوءَ وانگر ٿيڙ کائيندا ٿا وتن.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan