Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 11 - Muslim Sindhi Bible


ضوفر نعماتيءَ جو پهريون گفتگو ( 11‏:1‏-20 ) ضوفر جو ايوب جي سزا کي خدا جي نرمي چوڻ

1 تڏهن ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟

3 اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟

4 تون دعويٰ ٿو ڪرين تہ تون جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، ۽ خدا جي نظر ۾ تون بلڪل پاڪ صاف آهين.

5 پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جو خدا پاڻ ڳالهائي، ۽ تنهنجي خلاف پنهنجا چپ کولي!

6 ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.

7 ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟

8 هرگز نہ، اهي ڳالهيون آسمان کان بہ مٿاهيون آهن، تون انهن کي ڇا سمجھي سگھندين؟ اهي تہ پاتال کان بہ اونهيون آهن، تون انهن کي ڇا ڄاڻي سگھندين؟

9 انهن جي ڊيگھہ زمين کان گھڻي آهي، انهن جي ويڪر سمنڊ کان وڌيڪ آهي.

10 جيڪڏهن خدا اچي تو کي قيد ڪري ڇڏي، ۽ تو کي گهلي عدالت ۾ آڻي تہ ڪير کيس روڪي ٿو سگھي؟

11 خدا بدڪار ماڻهن کي سڃاڻي ٿو، ۽ سندن بدڪاريءَ کي بہ ڏسي ٿو، بيشڪ هو سندن بدڪاريءَ کي نظرانداز نہ ٿو ڪري.

12 پر بي‌وقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“


دل کي خدا ڏانهن مائل ڪر

13 ”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،

14 جيڪڏهن تون پاڻ کي بدڪاريءَ کان پري رکندين، ۽ شرارت جي ويجھو نہ ويندين،

15 تڏهن يقيناً تون پنهنجو بي‌داغ منهن مٿي کڻي سگھندين. هائو، تون ثابت قدم رهندين ۽ بلڪل ڪين ڊڄندين.

16 تڏهن تون پنهنجي مصيبتن کي ائين وساري ڇڏيندين، جيئن پل هيٺان پاڻي گذري ٿو وڃي.

17 تنهنجي زندگيءَ جي اونداهي گھڙي بہ صبح جهڙي روشن ٿيندي، هائو، تنهنجي زندگي منجھند جي روشنيءَ کان بہ وڌيڪ روشن ٿيندي.

18 تون اميد سان ڀرپور ۽ اطمينان واري زندگي گذاريندين. هائو، تون آس‌پاس کان بي‌خوف ٿي آرام سان ننڊ ڪندين.

19 تون زندگي آرام سان گذاريندين، ۽ ڪوبہ تو کي نہ ڊيڄاريندو، بلڪ گھڻا ئي تنهنجو راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

20 پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan