Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 10 - Muslim Sindhi Bible


ايوب جي پنهنجي خالق سان حجت

1 ”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ

2 ’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟

3 ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟

4 ڇا تنهنجيون اکيون ڪي ماس جون آهن؟ ڇا تون ڪو ماڻهن جيان ٿو سوچين؟

5 ڀلا تنهنجا ڏينهن ڪي انسانن جي ڏينهن وانگر مقرر آهن ڇا؟ تنهنجا سال ڪي انسانن جي سالن وانگر ختم ٿيندڙ آهن ڇا؟

6 جيڪڏهن ائين ناهي تہ پوءِ ڇو تون مون ۾ ڏوهہ ٿو ڳولين؟ ڇو منهنجي گناهن بابت کوجنا ٿو ڪرين؟

7 جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ قصوروار نہ آهيان، ۽ اهو بہ تہ تنهنجي هٿان مون کي ڪوبہ ڇڏائي نہ ٿو سگھي؟

8 تنهنجي ئي هٿن تہ مون کي جوڙي ٺاهي مڪمل ڪيو آهي، ڇا انهيءَ لاءِ تہ انهن ساڳين ئي هٿن سان مون کي چيڀاٽيندو رهين؟

9 اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟

10 تو پاڻيءَ جي ڦڙي جي صورت ۾ مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اوتيو، ۽ اتي منهنجي بدن جي بناوت شروع ڪئي.

11 تو منهنجي بدن کي هڏين ۽ نسن سان جڙي، انهن کي ماس ۽ کل سان ڍڪي ڇڏيو.

12 تو مون کي حياتي بخشي ۽ مون تي ٻاجھہ ڪئي. تنهنجي پروردگاريءَ منهنجي جان جي حفاظت پئي ڪئي.

13 پر هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي خلقڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو ارادو لڪل هو. هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجو منصوبو هي هو تہ

14 تون نظر رکيو اچين تہ آءٌ ڪڏهن ٿو گناهہ ڪريان، تان‌تہ منهنجو ڏوهہ پڪڙي مون کي معاف نہ ڪرين.

15 پوءِ جيڪڏهن آءٌ قصوروار نڪران تہ مون تي مصيبت نازل ڪرين، پر جي آءٌ سچو نڪران، تہ بہ مون کي پنهنجو منهن مٿي کڻڻ جهڙو نہ ڇڏين. سو هينئر منهنجو حال اهو ئي آهي، جو آءٌ شرمندگيءَ ۾ ٻڏل آهيان ۽ مصيبتون پيو سهان.

16 هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.

17 تون منهنجي خلاف نوان نوان شاهد پيدا ڪندين، ۽ مون تي پنهنجو قهر وڌائيندين. تون نيون مصيبتون مون تي ائين موڪليندين، جيئن ڪي تازيون فوجون جنگ لاءِ تيار هجن.

18 تو مون کي ماءُ جي پيٽ مان ڪڍيو ئي ڇو؟ ان کان اڳ جو ڪا اک مون کي ڏسي ها، جيڪر آءٌ مري وڃان ها.

19 آءٌ جيڪر ڄمان ئي نہ ها، آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي سڌو قبر ڏانهن کڄي وڃان ها.

20 منهنجا ڏينهن تہ هاڻي ٿورڙا وڃي بچيا آهن. سو هاڻي بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ ٿورو آرام ڪريان،

21 هائو، انهيءَ کان اڳ جو آءٌ اوڏانهن هليو وڃان، جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي واري ملڪ ۾.

22 اهو ملڪ اونداهي بلڪ گھاٽي اونداهي آهي، جنهن ۾ ڪا ترتيب ناهي، ۽ جنهن جو سوجھرو بہ گھُگھُہ اونداهي آهي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan