ايوب 1 - Muslim Sindhi Bibleايوب ۽ سندس ڪٽنب 1 عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو. 2 کيس ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. 3 هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو. 4 ايوب جا پٽ واري واري سان پنهنجي پنهنجي گھر ۾ دعوت ڪندا هئا، جتي اهي سڀ گڏبا هئا ۽ پنهنجي ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پيئاريندا هئا. 5 سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو. ايوب جي پهرين آزمائش 6 هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي اچي حاضر ٿيو. 7 خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“ 8 تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“ 9 شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ايوب ڪو مفت ئي تو خدا جو خوف ٿو رکي ڇا؟ 10 تو هن جي، سندس ڪٽنب جي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي، تنهن سڀ جي هميشہ حفاظت نہ پئي ڪئي آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي ۽ هن جي ڍورن ڍڳن کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿيئي. 11 پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگھيري وٽس جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ کانئس کسي وٺ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“ 12 تنهن تي خداوند شيطان کي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي. پر رڳو سندس جان کي نقصان نہ پهچائجانءِ.“ تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو. 13 پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن ايوب جي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گھر ۾ ويٺي کاڌو پيتو، 14 تہ هڪڙو نوڪر ڊوڙندو ايوب وٽ آيو ۽ اچي چيائينس تہ ”اسان ڏاندن سان هر پئي ڪاهيا ۽ گڏهہ ويجھو ئي چري رهيا هئا، 15 تہ اوچتو شبا ملڪ جي ماڻهن اچي حملو ڪيو ۽ انهن سڀني کي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“ 16 اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“ 17 اڃا انهيءَ ڳالهايو ئي پئي تہ هڪڙي ٽئين نوڪر بہ اچي چيو تہ ”ڪسدين ٽن ٽولن جي صورت ۾ اچي اٺن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پڪڙي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“ 18 اهو نوڪر بہ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ وري چوٿون نوڪر اچي نڪتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”توهان جي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گھر ۾ کاڌو پيتو پئي، 19 تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“ ايوب جو صبر 20 تڏهن ايوب اٿيو ۽ ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ مٿو ڪوڙيائين. پوءِ زمين تي ڪري سجدو ڪندي 21 چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“ 22 انهن سڀني واقعن ٿيڻ جي باوجود ايوب خدا تي بيجا تهمت هڻڻ جو گناهہ نہ ڪيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society