Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 9 - Muslim Sindhi Bible


ڄائي ڄم کان انڌي کي ديد ڏيڻ

1 جيئن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو.

2 هن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”اي استاد! هي ڪنهن جي گناهہ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي گناهہ جي ڪري يا پنهنجي ماءُ پيءُ جي گناهہ جي ڪري؟“

3 عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي گناهہ سان يا سندس ماءُ پيءُ جي گناهہ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان خدا جا ڪم ظاهر ٿين.

4 ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.

5 جيستائين آءٌ هن دنيا ۾ آهيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آهيان.“

6 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين

7 ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.

8 تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“

9 ڪن چيو تہ ”هي اهو ئي آهي“ ۽ ڪي وري چوڻ لڳا تہ ”هي اهو نہ آهي، پر انهيءَ جو ڪو هم‌شڪل آهي.“ تنهن تي هن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان.“

10 تڏهن انهن پڇيس تہ ”تو کي ديد ڪيئن ملي؟“

11 هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو عيسيٰ آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“

12 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”اهو شخص ڪٿي آهي؟“ هن چين تہ ”مون کي خبر نہ آهي.“


انڌي کي ديد ملڻ بابت فريسين جي جاچ

13-14 جنهن ڏينهن تي عيسيٰ مٽي آلي ڪئي ۽ اها انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لائي کيس ديد ڏني هئي، سو سبت جو ڏينهن هو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ انڌي مان سڄي ٿيل شخص کي فريسين وٽ وٺي آيا،

15 تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“

16 تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو گنهگار آهي سو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“

18 يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماءُ پيءُ کي گھرائي کانئن پڇيو تہ

19 ”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“

20 هن جي ماءُ پيءُ وراڻيو تہ ”هائو، واقعي هي اسان جو پٽ آهي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو هو.

21 پر اسان کي اها خبر ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“

22 سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.

23 اهو ئي سبب هو جو انهيءَ ماڻهوءَ جي ماءُ پيءُ چيو تہ ”اوهين کانئس پڇو، هو عاقل بالغ آهي.“

24 سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو گنهگار آهي.“

25 انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آهي تہ هو گنهگار آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“

26 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”هن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تو کي ديد ڏنائين؟“

27 هن وراڻيو تہ ”اڃا هاڻي تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ بہ اوهان ڪونہ ٻڌو. وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ هن جا شاگرد ٿيڻ چاهيو ٿا ڇا؟“

28 تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو شاگرد آهين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون.

29 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“

30 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي.

31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو خداپرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ خدا انهيءَ جي ٻڌي ٿو.

32 دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي.

33 جيڪڏهن هي ماڻهو خدا جي طرفان نہ هجي ها تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ها.“

34 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


روحاني انڌائپ

35 جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون ابنِ آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“

36 تنهن تي هن پڇيس تہ ”سائين! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“

37 عيسيٰ چيس تہ ”تو کيس اڳي بہ ڏٺو آهي ۽ هاڻي جيڪو تو سان ڳالهائي رهيو آهي، سو ئي آهي.“

38 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن کيس سجدو ڪيو.

39 پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ هن دنيا ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“

40 تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“

41 عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan