يوحنا 6 - Muslim Sindhi Bibleپنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ ( متي 14:13-21 ، مرقس 6:30-44 ، لوقا 9:10-17 ) 1 هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو، 2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي. 3-4 انهن ڏينهن ۾ يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي. اتي عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ هڪڙي ٽڪريءَ تي چڙهي وڃي ويٺو. 5 تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“ 6 هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي. 7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“ 8 پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ 9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“ 10 تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ماڻهن کي هيٺ ويهاريو.“ جيئن تہ اتي گھڻو گاهہ هو، سو سڀيئي ماڻهو هيٺ ويهي رهيا. انهن ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. 11 پوءِ عيسيٰ اهي مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو. 12 جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“ 13 سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون. 14 عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“ 15 پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو بادشاهہ بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو. عيسيٰ مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ ( متي 14:22-33 ، مرقس 6:45-52 ) 16 جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس شاگرد ڍنڍ جي ڪناري تي ويا. 17 رات ٿي ويئي هئي پر عيسيٰ انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا. 18 ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون. 19 جڏهن شاگرد پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 20 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“ 21 تڏهن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون ۽ ٻيڙي هڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتي جتي کين وڃڻو هو. عيسيٰ مسيح زندگيءَ جي ماني 22 ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ خبر هئي تہ عيسيٰ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا. 23 ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي خداوند عيسيٰ جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ماني کارائي ويئي هئي. 24 سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آهي، نڪي سندس شاگرد آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا. 25 ماڻهن جڏهن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي استاد! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“ 26 عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان معجزن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آهي. 27 فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“ 28 پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان خدا جي مرضي پوري ٿئي؟“ 29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“ 30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟ 31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻپٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“ 32 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پيءُ آهي جنهن آسمان واري ماني اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آسمان مان حقيقي ماني ڏئي ٿو. 33 هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“ 34 تنهن تي انهن ماڻهن عرض ڪيس تہ ”سائين! اسان کي هميشہ اها ماني ڏيندا ڪريو.“ 35 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي. 36 اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ ايمان نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان. 37 پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس. 38 آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. 39 جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيئرو ڪري اٿاريان. 40 هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“ 41 تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها ماني آهيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي.“ 42 انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو عيسيٰ نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماءُ پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آهيان؟‘“ 43 عيسيٰ کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو. 44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس. 45 نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو. 46 انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي. 47 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي. 48 هائو، زندگيءَ جي ماني آءٌ ئي آهيان. 49 ڏسو، اوهان جي ابن ڏاڏن رڻپٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، تڏهن بہ مري ويا. 50 پر جيڪا حقيقي ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو. 51 آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“ 52 تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“ 53 عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين ابنِ آدم جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ زندگي نہ هوندي. 54 جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس، 55 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي. 56 جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو. 57 جهڙيءَ طرح پيءُ جيڪو زندہ آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري زندہ آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري زندہ رهندو. 58 هيءَ اها حقيقي ماني آهي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. هيءَ ماني اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ ماني کائيندو سو هميشہ زندہ رهندو.“ 59 هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي عبادتخاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون هيون. گھڻن شاگردن جو عيسيٰ مسيح کي ڇڏي وڃڻ 60 اهي ڳالهيون ٻڌي سندس شاگردن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“ 61 عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀٽڪائي ٿي ڇا؟ 62 ڀلا جيڪڏهن اوهين ابنِ آدم کي آسمان ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ 63 زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ. 64 تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي ايمان نہ ٿا آڻين.“ عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. 65 هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“ 66 تنهن تي عيسيٰ جا گھڻا ئي شاگرد کانئس ڦري موٽي هليا ويا. 67 تنهنڪري عيسيٰ انهن ٻارهن شاگردن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“ 68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ دائمي زندگي آهي. 69 اسين اوهان تي ايمان آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي خدا جي طرفان پاڪ هستي آهيو.“ 70 تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“ 71 هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن شاگردن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society