يوحنا 4 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح ۽ هڪ سامري عورت 1 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي. 2 جڏهن تہ حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رهيا هئا. 3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري عيسيٰ يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو. 4 رستي ۾ کيس سامريہ جي علائقي وٽان لنگھڻو هو. 5 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي. 6 انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو. 7-8 ايتري ۾ اتي هڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شهر مان کاڌو وٺڻ ويا هئا، سو عيسيٰ انهيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيئار.“ 9 تنهن تي انهيءَ عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا. 10 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“ 11 عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ 12 ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“ 13 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي. 14 پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“ 15 تنهن تي انهيءَ عورت چيو تہ ”اي سائين! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ 16 تڏهن عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي مڙس کي وٺي اچ.“ 17 پر عورت وراڻيس تہ ”مون کي تہ مڙس آهي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونهي، 18 ڇاڪاڻ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين ۽ هاڻي جنهن شخص وٽ تون رهين ٿي، سو تنهنجو مڙس نہ آهي.“ 19 تنهن تي عورت کيس چيو تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ڪي نبي آهيو. 20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي عبادت ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“ 21 عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پيءُ جي عبادت نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا. 22 اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي. 23 پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي پيءُ جي عبادت ڪندا. هائو، پيءُ بہ چاهي ٿو تہ اهڙا عبادت ڪندڙ هجن. 24 خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“ 25 پوءِ عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“ 26 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“ 27 ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو عورت ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“ 28 پوءِ اها عورت پنهنجو دلو اتي ڇڏي شهر ڏانهن موٽي ويئي ۽ ماڻهن کي چيائين تہ 29 ”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“ 30 تنهن تي اهي شهر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا. 31 هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“ 32 پر هن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اهڙو کاڌو آهي، جنهن جي اوهان کي ڪابہ خبر نہ آهي.“ 33 تنهن تي سندس شاگرد هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“ 34 عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان. 35 ڇا اوهان ۾ چوڻي نہ آهي تہ ’فصل اڃا ناهي تيار، لاباري ۾ لڳندا مهينا چار‘؟ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانهن نهاريو جو اهي لاباري لاءِ هاڻي بلڪل تيار آهن. 36 ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين. 37 ان تي هيءَ چوڻي ٺهڪي اچي ٿي تہ ’پوکي هڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘ 38 مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“ 39 انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان عورت جي شاهديءَ جي ڪري عيسيٰ تي ايمان آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“ 40 سو اهي سامري عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن عيسيٰ ٻہ ڏينهن اتي رهيو. 41 سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس ايمان آندو. 42 پوءِ اهي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ آهي.“ عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ 43 انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو. 44 ياد رهي تہ عيسيٰ پاڻ اڳي چيو هو تہ ”ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي ديس ۾ عزت نہ ٿي ملي.“ 45 هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو عيسيٰ يروشلم ۾ عيد فصح جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ عيد ملهائڻ ويا هئا. 46 عيسيٰ وري گليل جي ڳوٺ قانا ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ کي مئي بڻايو هو. ڪفرناحوم شهر ۾ هڪ عملدار هو جنهن جو پٽ بيمار هو. 47 هن جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“ 48 تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“ 49 عملدار وراڻيس تہ ”سائين! مون سان هلو، متان منهنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“ 50 عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ، تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن هن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانهن روانو ٿيو. 51 عملدار اڃا گھر ڏانهن وڃي رهيو هو تہ سندس نوڪر کيس رستي تي گڏيا ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنهنجو پٽ خوش ٿي ويو آهي.“ 52 تنهن تي هن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اها ڪهڙي مهل هئي جڏهن منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو؟“ انهن وراڻيس تہ ”ڪالهہ منجھند جو هڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“ 53 تنهن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن عيسيٰ کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين عيسيٰ تي ايمان آندو. 54 هي ٻيو معجزو هو، جيڪو عيسيٰ ٻيهر يهوديہ کان گليل اچي ڏيکاريو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society