يوحنا 21 - Muslim Sindhi Bibleستن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ 1 ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو. 2 جڏهن شمعون پطرس، توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، گليل جي قانا ڳوٺ وارو نٿنايل، زبديءَ جا ٻہ پٽ ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا هئا، 3 تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن. 4 جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ هو ڪو عيسيٰ آهي. 5 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ 6 هن انهن کي چيو تہ ”پنهنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوهان کي ڪجھہ ملندو.“ تنهن تي انهن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اهي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. 7 پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. 8 پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين هئا، اٽڪل هڪ سؤ ميٽر پري هئا. 9 جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکيل هئي. 10 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ 11 تنهن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ اهو ڄار سڪيءَ تي گهلي آيو، جيڪو هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل هو. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. 12 پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو کانئس پڇي تہ ”اوهين ڪير آهيو؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو خداوند ئي آهي. 13 پوءِ عيسيٰ ماني کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. 14 اهو ٽيون دفعو هو جو عيسيٰ پنهنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني هئي. منهنجي رڍن کي چار 15 جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ 16 وري ٻيو دفعو عيسيٰ هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ 17 وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار. 18 آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“ 19 هن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاهر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ عيسيٰ مسيح ۽ ٻيا شاگرد 20 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“ 21 پطرس جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”اي خداوند! هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟“ 22 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ 23 ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“ 24 هي اهو ئي شاگرد آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي. پڄاڻي 25 ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي عيسيٰ ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ها. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society