Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 20 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
( متي 28‏:1‏-8 ، مرقس 16‏:1‏-8 ، لوقا 24‏:1‏-12 )

1 آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

3 تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو شاگرد قبر ڏانهن روانا ٿيا.

4 اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو.

5 هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي.

6 هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين.

7 ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو.

8 تنهن کان پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين،

9 جيتوڻيڪ اڃا تائين شاگرد پاڪ ڪلام جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيئرو ٿي اٿندو.

10 پوءِ اهي ٻئي شاگرد موٽي پنهنجي گھر هليا ويا.


مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ
( متي 28‏:9‏-10 ، مرقس 16‏:9‏-11 )

11 پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو

12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي عيسيٰ جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو.

13 انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

14 هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو عيسيٰ آهي.

15 عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“

16 عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“

17 عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“

18 پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند عيسيٰ ساڻس ڪيون هيون.


شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
( متي 28‏:16‏-20 ، مرقس 16‏:14‏-18 ، لوقا 24‏:36‏-49 )

19 انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“

20 ائين چوڻ کان پوءِ هن شاگردن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.

21 تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“

22 پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح.

23 جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“


توما جو شڪ دور ڪرڻ

24 توما انهن ٻارهن شاگردن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مهل شاگردن سان گڏ نہ هو.

25 اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

26 هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“

27 پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“

28 تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“


هن ڪتاب جو مقصد

30 شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيا نہ ويا آهن.

31 پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan