يوحنا 2 - Muslim Sindhi Bibleقانا ۾ شادي 1 ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل هئي. 2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا. 3 دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“ 4 تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“ 5 تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“ 6 اتي يهودين جي پاڪائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7 عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8 پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا. 9 منتظم اعليٰ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي خبر هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر منتظم اعليٰ کي خبر ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو 10 ۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“ 11 هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو. 12 تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا. هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ ( متي 21:12-13 ، مرقس 11:15-17 ، لوقا 19:45-46 ) 13 يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو. 14 اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو قربانيءَ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن. 15 اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17 تڏهن سندس شاگردن کي پاڪ ڪلام جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي خدا! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“ 18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“ 19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“ 20 تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“ 21 پر عيسيٰ جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو بدن هو. 22 تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پاڪ ڪلام جي لکت ۽ عيسيٰ جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو. عيسيٰ مسيح دلين کي ڄاڻي ٿو 23 عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو. 24 پر عيسيٰ انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. 25 هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society