يوحنا 16 - Muslim Sindhi Bible1 اهي سڀ ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهين گمراهہ نہ ٿيو. 2 ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادتخانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘ 3 اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي. 4 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جڏهن انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي تہ اوهان کي ياد اچي تہ مون انهن بابت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.“ ”مون شروع ۾ اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ هئس. مددگار پاڪ روح جو ڪم 5 پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘ 6 ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو. 7 پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس. 8 جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄي دنيا گناهہ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏي نہ گمراهہ ٿيل آهي، 9 گناهہ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو ماڻهو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين، 10 سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا، 11 ۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن دنيا جي سردار کي گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. 12 مون کي اوهان سان اڃا ٻيون بہ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پر هينئر اوهين اهي سهي ڪين سگھندا. 13 تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو. 14 اهڙيءَ طرح اهو منهنجو جلوو ظاهر ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندو. 15 جيڪي ڪجھہ منهنجي پيءُ جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پاڪ روح منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندو.“ ڏکن پٺيان سک 16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“ 17 تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘ 18 انهيءَ ’ٿوريءَ دير‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي تہ سندس ڳالهين جي خبر نہ ٿي پوي.“ 19 عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ 20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. 21 جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي. 22 اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو. 23 انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو. 24 هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“ دنيا تي فتح 25 ”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس. 26 انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي، 27 ڇاڪاڻ تہ پيءُ تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آهيان. 28 هائو، آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ هاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“ 29 تنهن تي شاگردن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو. 30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“ 31 تنهن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهين هاڻي ايمان آڻيو ٿا؟ 32 تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون سان گڏ آهي. 33 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society