Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 14 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح، پيءُ ڏانهن وڃڻ جو رستو

1 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.

2 منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.

3 جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو.

4 جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي خبر آهي.“

5 تنهن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر ئي نہ آهي تہ اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. پوءِ اسان کي انهيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“

6 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.

7 جيڪڏهن اوهين مون کي ڄاڻو ٿا تہ منهنجي پيءُ کي بہ ڄاڻيندا. هائو، هن گھڙيءَ کان وٺي اوهين کيس ڄاڻو ٿا ۽ اوهان کيس ڏٺو بہ آهي.“

8 تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“

9 عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکاريو‘؟

10 ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پيءُ، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

12 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان،

13 تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.

14 هائو، اوهين منهنجي نالي تي مون کان جيڪي بہ چاهيندا سو آءٌ ڪندس.“


پاڪ روح ڏيارڻ جو واعدو

15 ”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.

16 آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.

17 اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.

18 آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس.

19 ٿوري وقت کان پوءِ دنيا مون کي وري نہ ڏسندي، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ زندہ آهيان تنهنڪري اوهين بہ زندہ هوندا.

20 جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.

21 جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“

22 تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“

23 تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.

24 جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پيءُ جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.

25 اهي ڳالهيون مون اوهان سان رهي اوهان کي ٻڌايون آهن.

26 پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.

27 آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.

28 اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون کان وڏو آهي.

29 هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين مون تي ايمان آڻيو.

30 هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.

31 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan