يوحنا 13 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح جو شاگردن جا پير ڌوئڻ 1 هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ 2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري. 3 عيسيٰ ڄاتو ٿي تہ ”پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آيو آهيان ۽ خدا ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“ 4 اهو سڀ ڄاڻيندي عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. 5 پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. 6 جڏهن هو شمعون پطرس وٽ آيو تہ هن چيس تہ ”اي خداوند! اوهين منهنجا بہ پير ڌوئيندا ڇا؟“ 7 عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“ 8 پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“ 9 تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ 10 عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وهنتل آهي تنهن کي پيرن ڌوئارڻ کان سواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سڄو ئي پاڪ صاف آهي. سو اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ.“ 11 ان جو سبب اهو هو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پاڪ نہ آهيو.“ 12 جڏهن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو ۽ جبو پائي وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان سمجھيو تہ مون اوهان لاءِ ڇا ڪيو؟ 13 اوهين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان. 14 هاڻي جڏهن مون استاد ۽ خداوند هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. 15 مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي. 16 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي. 17 هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“ عيسيٰ مسيح جو پڪڙائڻ واري بابت ٻڌائڻ ( متي 26:20-25 ، مرقس 14:17-21 ، لوقا 22:21-23 ) 18 ”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘ 19 هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين ايمان آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان. 20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“ 21 جڏهن عيسيٰ هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22 تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا تہ هن اها ڳالهہ ڪنهن بابت چئي آهي. 23 شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو. 24 تنهنڪري شمعون پطرس هن کي اشاري سان چيو تہ ”پڇا ڪر تہ اهو ڪير آهي، جنهن بابت هو ڳالهائي رهيو آهي.“ 25 پوءِ هن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو هوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اهو ڪير آهي؟“ 26 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اهو آهي.“ پوءِ هن مانيءَ جو گرهہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ کي ڏنو. 27 جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“ 28 هاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو تہ عيسيٰ ڪهڙي مطلب سان يهوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. 29 ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ”عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“ 30 سو يهوداہ گرهہ وٺي هڪدم ٻاهر نڪري هليو ويو. اهو رات جو وقت هو. هڪ نئون حڪم 31 يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”هاڻي ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيڻ وارو آهي ۽ هن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيندو. 32 جيئن تہ خدا جو جلوو ابنِ آدم مان ظاهر ٿيندو تہ خدا بہ هن کي پنهنجي جلوي ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس. 33 اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو. 34 آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. 35 جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.“ پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي ( متي 26:31-35 ، مرقس 14:27-31 ، لوقا 22:31-34 ) 36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ 37 پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ 38 عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society