يوحنا 11 - Muslim Sindhi Bibleلعزر جو موت 1-2 يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيتعنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن خداوند عيسيٰ جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا. 3 ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“ 4 عيسيٰ اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ خدا جي عظمت ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس فرزند جي بہ عظمت ٿئي.“ 5 عيسيٰ جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو. 6 تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. 7 پوءِ هن شاگردن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“ 8 تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“ 9 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 10 پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“ 11 پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12 تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“ 13 عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14 تنهنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي. 15 آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“ 16 تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“ عيسيٰ مسيح قيامت ۽ زندگي آهي 17 جڏهن عيسيٰ بيتعنياہ ڳوٺ جي ويجھو پهتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري چڪا آهن. 18 جيئن تہ يروشلم بيتعنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو، 19 سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا هئا. 20 جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي. 21 مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها. 22 پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين خدا کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“ 23 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“ 24 مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو آخرت جي ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 25 عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو 26 ۽ جيڪو بہ جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“ 27 مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، خداوند! منهنجو ايمان آهي تہ مسيح خدا جو فرزند، جيڪو دنيا ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“ عيسيٰ مسيح جو روئڻ 28 هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29 اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي. 30 عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي. 31 جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا. 32 جڏهن مريم عيسيٰ وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“ 33 عيسيٰ جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس. 34 هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان کيس ڪٿي دفن ڪيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اي خداوند! هلي ڏسو.“ 35 عيسيٰ روئي ڏنو. 36 تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“ 37 پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“ لعزر جو وري جيئرو ٿيڻ 38 پوءِ عيسيٰ کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو. 39 عيسيٰ چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“ 40 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون ايمان رکندينءَ تہ خدا جي عظمت ڏسندينءَ؟“ 41 تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نهاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي. 42 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“ 43 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ 44 تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“ عيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ ( متي 26:1-5 ، مرقس 14:1-2 ، لوقا 22:1-2 ) 45 جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن عيسيٰ جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس ايمان آندائون. 46 پر انهن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو وڃي کين ٻڌايائون. 47 تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري. 48 جيڪڏهن اسين هن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ هر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حڪمران اسان تي قدم کڻندا. پوءِ هو اسان جي هيڪل ۽ سڄي قوم کي تباهہ ڪري ڇڏيندا.“ 49 انهن مان هڪڙي شخص جو نالو ڪائفا هو جيڪو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهن چيو تہ ”اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي. 50 اوهين اهو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوهان جي لاءِ هي بهتر ٿيندو جو هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباهہ ٿئي.“ 51 حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو 52 ۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري. 53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. 54 تنهنڪري عيسيٰ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻپٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو. 55 يهودي قوم جي عيد فصح ويجھي هئي، سو ڪيترائي ماڻهو عيد فصح کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پاڪ ڪن. 56 اهي عيسيٰ کي ڳولي رهيا هئا ۽ هيڪل ۾ بيٺي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ هو عيد جي موقعي تي ايندو يا نہ؟“ 57 سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ عيسيٰ ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society