Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 10 - Muslim Sindhi Bible


رڍن جو حقيقي ريڍار کي سڃاڻڻ

1 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

2 جيڪو ماڻهو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آهي.

3 دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو.

4 جڏهن هو انهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، تڏهن هو سندن اڳيان ٿي هلي ٿو ۽ رڍون هن جي پٺيان هلن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جو آواز سڃاڻين ٿيون.

5 اهي ڪنهن ڌارئي جي پٺيان نہ هلنديون، بلڪ انهيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“

6 عيسيٰ انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي.


عيسيٰ مسيح هڪ چڱو ريڍار

7 سو عيسيٰ وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان.

8 ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي.

9 آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.

10 چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.

11 آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو.

12 جيڪو مزدور آهي سو نہ ريڍار آهي ۽ نہ وري رڍن جو مالڪ. هو جڏهن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو.

13 مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آهي.

14-15 چڱو ريڍار آءٌ آهيان. جهڙيءَ طرح پيءُ مون کي ڄاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي ڄاڻان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي ڄاڻين ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيان ٿو.

16 منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

17 آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پيءُ مون سان پيار ٿو ڪري.

18 منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.“

19 انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو.

20 هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“

21 پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“


آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون

22 سياري جي موسم هئي ۽ عيسيٰ تجديد واري عيد جي موقعي تي يروشلم ۾ هو.

23 هو هيڪل جي سليماني ورانڊي ۾ گھمي رهيو هو

24 تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“

25 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.

26 پر اوهين انهيءَ ڪري يقين نہ ٿا ڪريو جو اوهين منهنجي رڍن مان نہ آهيو.

27 آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.

28 آءٌ انهن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.

29 منهنجو پيءُ، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پيءُ کان اهي کسي نہ سگھندو.

30 جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“

31 تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.

32 تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ڪفر بڪڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏين ٿو.“

34 عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان جي پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل نہ آهي تہ ’آءٌ خدا چوان ٿو تہ اوهين منهنجا فرزند آهيو‘؟

35 ڏسو، خدا انهن کي پنهنجا فرزند سڏيو جن کي سندس پيغام مليل هو. هاڻ پاڪ ڪلام تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.

36 سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟

37 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پيءُ جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ ڀلي اوهين مون تي يقين نہ ڪريو.

38 جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“

39 تنهن تي هنن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.

40 عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.

41 ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يحيٰ ڪوبہ معجزو تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“

42 اتي ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ تي ايمان آندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan