Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 9 - Muslim Sindhi Bible

1 ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.

2 ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بي‌وفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.

3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.

4 ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.

5 هر دوست پنهنجي دوست سان دوکو ٿو ڪري، ڪوبہ سچ ڪونہ ٿو ڳالهائي. هر ڪو پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ ٿو سيکاري. هو تيستائين گناهہ ڪندا رهن ٿا، جيستائين منجھن گناهہ ڪرڻ جي ٿوري بہ طاقت آهي.

6 اي يرمياہ! تون ٺڳن جي وچ ۾ رهين ٿو، جن پنهنجي ٺڳيءَ جي ڪري منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“

7 سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس، هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.

8 هنن جي زبان هڪ موتمار تير مثل آهي، اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري. هائو، هر ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ ٻئي سان خير وَ سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر دل ۾ اُن لاءِ مندائي اٿس.

9 ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟ آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“

10 مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“

11 تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“

12 مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“

13 خداوند فرمايو تہ ”اهو انهيءَ ڪري جو هنن انهيءَ شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي جيڪا مون کين ڏني هئي. هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي ۽ شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿائون.

14 اٽلندو هنن پنهنجي دلين جي هوڏ موجب بعل ديوتائن کي پوڄيو آهي، جيئن کين سندن ابن ڏاڏن سيکاريو هو.

15 سو ڏس تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا ڇا ڪرڻ وارو آهيان. آءٌ هن قوم کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس.

16 آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


يروشلم ۾ واءِ‌ويلا

17 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو! ماتمي عورتن کي گھرايو، بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“

18 ماڻهن وراڻيو تہ ”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن، تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون ۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.

19 انهيءَ سبب جو صيئون منجھان واءِ‌ويلا جو آواز ٿو اچي تہ ’اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين ڪيڏا نہ خوار خراب ٿيا آهيون! اسان کي هي ملڪ ڇڏي وڃڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.‘“

20 مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،

21 ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.

22 خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“

23 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،

24 پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“

25-26 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اُهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن آءٌ هنن سڀني کي سزا ڏيندس، يعني مصر، يهوداہ، ادوم، عمون ۽ موآب وارن کي ۽ بيابان ۾ رهڻ وارن کي جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا. اهي سڀ ماڻهو طهريل تہ آهن پر رڳو نالي جا، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. منهنجي عهد کي نڪي انهن قومن ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل قائم ڪيو آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan